February 29, 2008
ايڊيٽر پاران:
ملڪي سياسي وايومنڊل ۾ ڳنڍ–ڇوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه جي عمل دوران يقين ۽ بي يقيني جي فضا ۾ عوامي امنگون ٻڏتر جو شڪار آهن.عوام اٽي ۽ گيهه جا چڙهيل اگهه ٻڌي خالي هٿين گهر ڀيڙو ٿي رهيو آهي، انهي ڪيفيت هوندي به اگر ڪا تخليق ٿيندي آهي ته يا ته اها مزاحمتي هوندي آهي يا عميق ڪرب جي ڪٿا، اتي محبتي ميلا ناهن ملهائبا اتي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جهڙو ڪو ٻيو درد ناهي هوندو.اسان وٽ تخليقڪار عوامي درد کي سمجهندي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن مان ڪا تخليق ڪري ٿو پر ان جي پنهنجي درد کي ڪو پڙهڻ وارو نه هوندو آهي، هو احساسن جي آويءَ ۾ پچي ٿو انهي سوڳ ۾ رچيل سندس رچنائون انقلاب جو جز هونديون آهن. انهن ئي تخليقن کي سهيڙي اسان هڪ نئين باک نروار ڪري رهيا آهيون، اسان جا حوصلا هماليه ۽ دل دريا آهي.
سنگت قنبر اها واحد شاخ بڻي آهي جنهن جي پنهنجي ادبي اخبار ۽ انٽرنيٽ تي ويب سائيٽ موجود آهي، جنهن جا اڪثر ميمبر صاحب ڪتاب آهن ۽ جنهن جون هفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون تسلسل سان ٿينديون رهيون آهن ۽ اهو ساٿ شال سلامت رهي.
Posted in Uncategorized | Tags: abbaskorejo, baakh, kourejo, sindhri, باک، عباس ڪوريجو، قمبر، قنبر، |
February 26, 2008
خير سان 18 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن به گذري وئي، تمام وڏا خطرا هئا ان حوالي سان ته ڌانڌليون ٿينديون، خونريزيون ٿينديون ۽ اليڪشن ملتوي ٿيندي.
بهرحال اڄ توڙي محترمه بينظير ڀٽو اسان سان گڏ نه آهي پر ان جي ياد هر سنڌيءَ جي جيءَ کي جڪوڙي چڪي آهي.
محترمه هر جلسي ۾ عوام کي خاص ڪري سنڌي عوام کي اپيل ڪئي هئي ته سندس پارٽي کي 100 فيصد ووٽ گهرجن، ۽ سنڌ وارن سندس ڀرپور آجيان ڪندي سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت لاءِ گهربل 66 سيٽن جي ڀيٽ ۾ 69 سيٽن تي ڪامياب ڪيو.
پر هاڻي جڏهن هوءِ اسان وٽ ناهي ۽ سندس پارٽيءَ جا ڪارڪن ان ڀرپور موٽ کي آجيان ڌئي سگهندا؟ ڇا اهي سنڌين جي انهن زخمن تي پهو رکندا جيڪي ايم ڪيو ايم وارن ڏنا آهن.اگر پ پ پ وارا چاهين ٿا سنڌي ٻيهر انهن سان اهڙا جذبا شامل ڪن ته خدارا انهن موقعي پرست اردو سنڌين کان پاسو ڪريو.
Posted in Uncategorized | Tags: abbaskorejo, kamber, benazir, sindh, larkano, ppp, MQM, moen jo daro, election2008, sindhiwebsite |
December 31, 2007
هن سال جون آخري گهڙيون تمام دکدائڪ ۽ نيڻن مان نير وهائڻ جهڙيون هيون، هن سال ويندي ويندي ڏکن ۾ واڌارو ڏنو 2007 سال کي اسان ڪڏهن به وساري نٿا سگهون جو هي سال سنڌين جي سرزمين تي ارمانن جو ٻج پوکي ويو آهي.
هي سال تاريخ جي نه وسرندڙ سالن مان هڪ رهيو، هن مهراڻ جي واديءَ جي شهيد راڻي جي روپ ۾ غم اسان کي ڏنا، هن سال سوين انيائن سان اسان جو استقبال ڪيو ۽ هزارين ارمانن سان الوداع ڪيو
هي سال غمن، ارمانن، ڏکن، تڪليفن، انيائن، نفرتن ۽ ظلمن جو سال هيو ان ڪري اوهان کي گذارش آهي ته نئون سال سوڳ ۾ گذاريو
عباس ڪوريجو
www.abbaskorejo.com
Posted in Uncategorized | Tags: 2007, 2008, abbaskorejo, bhuto, kamber, larkana, new year, newyear, sindhi, sindhi blogs, sindhi web |
December 29, 2007
هوءَ سنڌ راڻي هئي، هوءَ مهراڻ جي مهڪ هئي، هوءَ اها آس هئي جنهن کي شهيد ڀٽو پنهنجي هنج ۾ کڻي تئين دنيا جون اهي حقيقتون ٻڌايون هيون جيڪي هن جي دل ۾ دفن هيون، هو کيس پيار مان ”پنڪي“ سڏيندو هو. 21 جون 1953 تي جنم وٺندڙ محترمه بينظير ڀٽو کي ڪالهه سندس ان عظيم ليڊر پيءُ جي ڀرسان دفنايو ويو ۽ ائين سنڌ هڪ ٻئي عظيم ليڊر کان محروم ٿي وئي.
سنڌ ۾ ڀٽي خاندان جي هي چوٿين قرباني هئي، شهيد ڀٽو کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، سر شاهنواز کي فرانس ۾ زهر ڏنو ويو، مير مرتضى کي 70 ڪلفٽن تي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ هاڻي محترمه کي ساڳي ان شهر ۾ شهيد ڪيو ويو جتي سندس عظيم پيءُ شهيد ڀٽو کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو.
آخرڪار هن ملڪ ۾ فقط سنڌي ۽ بلوچ ليڊرن کي قربانيون ڇو ڏيڻيون ٿيون پون. ڇا هن ملڪ جا ٻيون قومون فقط موقعا پرست آهن يا اهي ئي هي سڀ ڪجهه ڪري رها آهن . انهن گدڙن کي ڪير وائکو ڪندو، انهن گدڙن جي بگهڙ واري کل ڪير لاهيندو؟ انهن کي بينقاب ڪير ڪندو؟
آخر ڪار ڪيسين سنڌي قوم فقط قربانيون ڏيندي رهندي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
هاڻي وقت آهي انهن قربانين جي سلي وٺڻ جو…………. اچو ته انهن گدڙن کي ڀڄائي ڪڍون.
عباس ڪوريجو
Posted in Uncategorized | Tags: benazir, bhuto, bhutto, larkana, shaheed, sindh-rani |
December 27, 2007
اڄ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ وري پنجاهه سال پوئتي رهجي وئي آهي. سنڌ جي واحد بهترين ليڊر جي شهادت ائين محسوس ڪرائي ٿي ته اسان سنڌين جي شعوري ترقي تمام پوئتي ڌڪجي وئي آهي ۽ اسان هڪ ٻئي جون ٽنگون ڪڍڻ ۾ پورا هوندا سين ۽ مخالف اسان کي تباهه ڪري ويندا ۽ اسان اهي جا اهي رهجي ويندا سين.غدارن کي پناهه ڏيڻ ڪڏهن بند ڪندا سين؟پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي سان سچا ڪڏهن ٿينداسين؟سنڌي پاڻ کي آخر ڪڏهن بچائڻ جي ڪوشش ڪندا سين؟پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت جو قدر ڪڏهن ڪنداسين؟اسان جا قومپرست ليڊر ڪيسين اسان کي استعمال ڪري ڀتا کائيندا رهندا؟ڇا اسان پنهنجي ذاتيات ۾ سب ڪجهه وساري ڇڏيو آهي؟سنڌي جاڳو سنڌ بچايو سنڌ وڃي ٿي هٿن مان.
سنڌي جاڳو
Posted in Uncategorized | Tags: abbaskorejo, bhutto, larkana, sindh, sindhi, larkano, korejo, sindhiwebs, mehran, moenjodaro, mohtarma, ppp, sindhijago |
December 8, 2007
منهنجو دوست ضمير !
هو منهنجو ضمير ناهي پر هو پنهنجو به ضمير ناهي هو بس ضمير آهي. هڪ عام ماڻهو هڪ عام سنڌي پر هن جون عادتون ۽ سوچون اعلى درجي جون آهن، انٽرنيٽ سان واسطو ٿيس ته سنڌي ويب سائيٽون ٺاهڻ شروع ڪري ڏنائين، منهنجي ڪهاڻين تي هڪ ويب سائيٽ تيار ڪري ورتائين وري موڊ خراب ٿيس ته ويب سائيٽس جي پچر ئي ڇڏي ويو. وري سندس دل گهري محبوبه جنهن کي هو مکڻي سڏيندو آهي راضي ٿيس ته ٽي ويب سائيٽون تيار ڪري ورتائين
ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي پاڻ ڀي ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي ويو هو، ڳلهائڻ بند بس ڪمپيوٽر جا آواز ڪڍندو هو. هاڻي وري مکڻي ناراض اٿس سو ڪم ته ڇٽو ٿيڻ کان باقي هي يار ڀي ويو ڪم کان. سندس مکڻين جي هاڻي ڊگهي لسٽ آهي پر پوءِ ڀي هي همراهه اڃا گم سم آهي
دوستي ۾ مرڻ وارو آهي پر دوست لاءِ ڀي لازمي آهي ته هو اهڙو ڪم ڪرڻ لاءِ نه چوي جيڪو هو ڪري سگهي باقي ٻيو خير……اڄڪلهه سرڪاري نوڪري اٿس پرهي يار ڇڏڻ جي پويان آهي هي سست ناهي هي اهو ڪم ناهي ڪرڻ چاهيندو جيڪو هن کي ايندو آهي
هو منهنجو ضمير ناهي پر هو پنهنجو به ضمير ناهي هو بس ضمير آهي
عباس ڪوريجو
Posted in Uncategorized | Tags: abbaskorejo, kamber, korejo, larkana, shah latif, sindhi, sindhi comuting, zamir, zamirgopang |
December 7, 2007
دوستو سنڌيءَ ۾ پهريون بلاگ لکندي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته هاڻي اسان ڀي ڪجهه آهيون، اسان جي ٻولي ڀي دنيا جي انهن چند خوشنصيب ٻولين منجهان هڪ آهي جن ٻولين کي انٽرنيٽ تي هڪ خاص سڃاڻپ آهي.
هي منهنجو پهريون لکيل بلاگ آهي انشاءِ الله اڳتي هلي مختلف موضوعن تي تحريرون هتي ڏسي سگهندا.
اوهان جي ساٿ ۾
عباس ڪوريجو
Posted in Uncategorized | Tags: abbaskorejo, kamber, korejo, larkana, sindh, sindhi, sindhi dosto, sindhidost |