اچو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جا سهڪاري بڻجون!

عباس ڪوريجو

سنڌي ڪمپيوٽنگ هڪ اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب ۽ مقصد ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال  آهي يعنى ڪمپيوٽر کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ ان مان ٻوليءَ جي ڀلي لاءِ فائدو حاصل ڪرڻ.

ڪمپيوٽر کي مادري ٻوليءَ  ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اڻ اعلانيل  آرگنائيزيشن ڪمپيوٽر جي دنيا ۾سنڌي ٻوليءَ لاءِ گهڻو ۽ ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهي آهي. ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آڻڻ لاءِ گهڻن ئي ماڻهن ڪوشش ڪيون، جيڪي ڪنهن حد تائين ته ڪامياب ويون پراهي ڪوششون  فقط عربي ايڊيشن جو جڳاڙ هو ۽ انهن ڪوششن جو مقصد ڪاروبار هيو، پر محترم جناب  عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جيڪو 1984ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جي بدولت ٻين آپريٽنگ سسٽمن سان گڏ ”ونڊوز آپريٽنگ سسٽم “ لاءِ ”ايم بي سنڌي “ نالي ڪيبورڊ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري کان پاس ڪرايو، جيڪو سنڌي اخبارون ، رسالا ، ڪتاب ، ويب سائيٽون ۽ ٽي ويءَ جي ڪمن لاءِ ڪافي مدد ڏئي رهيو آهي. وري اهڙيءَ طرح ان ڪيبورڊ جي سپورٽ تي خوبصورت ۽ پيارن فونٽ جي شروعات ٿي ، جنهن ۾ ڪافي دوستن پنهنجا پنهنجا فونٽ تيار ڪيا. جن ۾ عزيز مڱريو، احمد سومرو، شبير ڪنڀار، عبدالستار زرگر ۽ ٻيا شامل آهن پر سڀ کان وڌيڪ ثناءَ الله منڱڻيجي  جي فونٽس  کي مقبوليت ملي. ان سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ليڪچرار محترم جناب ڪرشن ڪمار لوهاڻي هڪ سنڌي ٽو انگلش ۽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري ترتيب ڏني. جيڪا به سنڌين لاءِ باعث مسرت آهي

سنڌي ڪمپيوٽنگ  مان  فائدا :

سنڌي ڪمپيوٽنگ هڪ اداري جي حيثيت وٺي چڪو آهي، جنهن جو باني سائين عبدالماجد ڀرڳڙي آهي ۽ سموري سنڌ توڙي ٻين ملڪن جا سنڌي ميمبر آهن، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو استعمال ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ ئي ڪن ٿا پر هن جو لاڀ سڀني سنڌين کي ملي ٿو. جيئن اسان جي ٻولي ڪمپيوٽر جو حصو بڻجي ٿي، ٻوليءَ جي ڪتابن جي ڇپائي اعلى معيار سان ڪمپيوٽرائيزد ٿئي پئي، اسان جو ادب ڇپجي عالمي مارڪيٽ ۾ پهچي ٿو، سنڌي ٻولي جو يونيڪوڊ تيار ٿيڻ سان سون جي تعداد ۾ سنڌي ويب سائيٽون تيار ٿيون، جن تي سوين سنڌي سنڌي ڪتاب آنلائين ٿيا، جنهن ڪري سنڌي ادب اليڪٽرانڪ شڪل اختيار ڪئي. شاهه جو رسالو، سچل جو رسالو، مضمون، ڪهاڻي ڪتاب، شاعري جا ڪتاب، سفرناما ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه انٽرنيٽ جي زينت بڻيو. سنڌي ڪمپيوٽنگ جا جتي اجتماعي فائدا آهن، اتي ميمبرن کي انفرادي فائدا پڻ آهن، جيئن سنڌي ۾ ادبي ۽ معلوماتي ويب سائيٽون يا فورم ٺاهيندڙ دوستن کي ڪمرشل مارڪيٽ ۾ سڃاڻپ ملڻ جو سبب سنڌي ڪمپيوٽنگ ئي آهي.

سنڌي ڪمپيوٽنگ مان شاگردن کي فائدا:

 ايشيا جي عظيم ڏاهي محمد ابراهيم جويي چواڻي ته بنيادي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڏني وڃي ، اهڙي طرح سنڌي شاگردن لاءِ معلومات حاصل ڪرڻ جو جديد ذريعو انٽرنيٽ ئي آهي ، سنڌي ۾ سوين ويب سائيٽون ۽ فورم ٺهڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو گهڻو مواد اليڪٽرانڪ شڪل اختيار ڪري  چڪو آهي، جنهن سان  اهي گوگل جي ويب سائيٽ تان سنڌي ۾ مواد سرچ ڪن ٿا، جنهن  سان انهن جون تعليمي ضرورتون پوريون ٿين ٿيون. ضرورت آهي ته گهڻو تعليمي مواد اليڪٽرانڪ شڪل ۾ سنڌي ويب سائيٽن تي رکيو وڃي.

سنڌي ڪمپيوٽنگ  جو باني :

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني  محترم عبدالماجد ڀرڳڙي  آهي، جيڪو شهدادڪوٽ کان ڏهه ميل پري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ 1948 ۾ ڄائو ۔ ننڍپڻ ۽‌ تعليم وارو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذرايو جتي سندس والد صاحب، عبدالغفور ڀرڳڙي، پنهنجي وڪالت جي ابتدا ڪئي۔

پوين ويهن ورهين کان رهائش آمريڪا جي شهر سياٽل ۾ اٿس۔

1983 ۾ پهريون ڀيرو ڪمپيوٽر استعمال ڪيائين جڏهن يونيورسٽي آف ايريزونا مان ايم بي اي ڪيائين پئي۔ 1987 ۾ مئڪنٽوش استعمال ڪيائين  جنهن تي پهريون سنڌي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ ۽ ٽائپسيٽنگ سسٽم وغيره 1988 ۾ ٺاهيائين۔

2000 ۾ ونڊوز تي پهريون ڀيرو يونيڪوڊ جي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ جي آڌار تي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌائين۔ پوين ٽيويهن ورهين ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر مڙيوئي پئي ڪوشش ڪري پيو ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻائي، سنڌي جي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي استعمال کي ترويج ڏي ۽‌ ترقي وٺرائي.

محترم عبد الماجد ڀرڳڙي  مائڪرو سافٽ ڪمپنيءَ سان ملاقاتون ڪري سنڌي ٻوليءَ کي يونيڪوڊ ۾ جڳھ ڏياري، ھاڻ اسان ان قابل ٿي ويا آھيون ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اي ميل، ڪرڻ کان علاوه ويب سائيٽون ٺاھي ۽ ڊيٽابيس جو ڪم پڻَ ۾ ڪري سگھون ٿا. ونڊوز ايڪس پي ۾ يونيڪوڊ کي مڪمل سپورٽ آھي.

سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي ڪري ئي اڄ اسان سنڌي ڪمپيوٽنگ  جي نالي کان واقف ٿيا آهيون، خدا کيس وڏي ڄمار عطا فرمائي.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حاصلات:

هن وقت تائين هن ورچوئل آرگنائيزيشن  طرفان سرڪاري پٺ ڀرائي نه هجڻ باوجود تمام اهم ترين ڪم پورا ڪيا ويا آهن، جن ۾ سنڌيءَ جو ڪي بورڊ لي آئوٽ، سوين سنڌي فونٽس،  سنڌيءَ کان انگريزي ڊڪشنري،  قران شريف جو سنڌي ترجمو، شاهه جي رسالي سميت ٻيا سون جي تعداد ۾ سنڌي اي بوڪس ، ويب ايپليڪيشنس، سنڌي فورم ۽ ويب سائيٽون، ايپليڪيشن سافٽويئر، ڪمپيوٽر گيمز ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.

مستقبل جون گهرجون:

سنڌي ڪمپيوٽنگ کي  مستقبل ۾ تمام وڏا ڪم ڪرڻا آهن، جيڪي سرڪاري ادارن طرفان ٻولي جي نالي تي امداد کائيندڙ ڪامورن ۽ آفيسرن کان ڪين ٿيڻا آهن، انهن ۾ هڪ وڏو ڪم مڪمل آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ۾ هجڻ آهي. هتي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا واقعي اهو ممڪن آهي، ان سوال جو جواب آهي ته ها. هن وقت دنيا جو مقبول آپريٽنگ سسٽم ونڊوز آهي ، جنهن اندر سنڌي ٻوليءَ لاءِ يونيڪوڊ جي صورت ۾ سپورٽ موجود آهي، فقط ان ڪم ۾ دلچسپي ۽ عظم جي ضروت آهي، جيڪو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ميمبرن وٽ موجود آهي.

ٻي گهرج آهي موبائيل فون اندر سنڌي جي مخصوص اکرن جي موجودگي يا ٻوليءَ جي سپورٽ، ان سلسلي ۾ حڪومت کان ته ڪجهه ٿيڻو ڪونهي، باقي موبائيل سيٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين  کي سنڌين جي اڪثريت جو ڪاروباري فائدو  سمجهائڻ لاءِ ڪنهن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي مرد مجاهد کي ئي نوڪيا ۽ ٻين ڪمپنين سان لهه وچڙ ۾ اچي سنڌي جي سپورٽ انسٽال ڪرائڻي پوندي.

سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ هڪ ٻي گهرج آهي اسپيل ۽ گرامر چيڪ ڪرڻ واري ڊڪشنريءَ جو هجڻ، جنهن جو فائدو اهو پوندو جو اسان کي پروف چيڪ ڪرڻ وارو مٿي جو سور نه پوندو.

ان سان گڏوگڏ ٻيا ڪيترائي انيڪ ڪم جيڪي سنڌي ڪمپيوٽنگ جا ميمبر بغير ڪنهن لالچ جي سرانجام ڏيندا، جيڪي اصل ۾ حڪومت کي ڪرڻا آهن.

 هينئر هڪ قدم اڳتي وڌندي تسبيح جي داڻن جھڙن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي  انهن سڀني دوستن کي هڪ ڌاڳي ۾ پُوئي، عبدالعزيز منڱريو هڪ آرگنائزيشن ”سنڌي ڪمپيوتنگ آرگنائيزيشن“ جو بنياد رکيو  آهي، جنهن لاءِ هڪ مرڪز طور www.sindhicomputing.org ويب سائيٽ پڻ جوڙي ويئي آهي، جنهن جو مقصد سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دوستن کي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هڪ هنڌ گڏ ڪري کين اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي.

هي وقت آهي گڏ ٿي ڪم ڪرڻ جو، سڀني سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي گهڻ گهرن کي پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي.

Advertisements

هاڻي مڪمل ڪمپيوٽر سنڌيءَ ۾

هاڻي مڪمل ڪمپيوٽر سنڌيءَ ۾

عباس ڪوريجو/ حيدرآباد

 

                         اهو پڙهي توهان حيران ٿيندا ته وندوز 8 آڻڻ جو پروگرام ونڊوز 7 کان پهرينءَ جو هيو، ونڊوز 7 ان جو اڳواٽ تيار ڪيل چڪاس نمونو آهي. وندوز سيون 22 جولاءِ 2009 تي اهو سوچي رليز ڪئي وئي ته اها مارڪيٽ ۾ پنهنجو ڪيترو مقام ٺاهي ٿي ۽ تنهن بعد مائڪرو سافٽ وارن جو نئون ڌماڪو ونڊوز 8 جي صورت ۾ رليز ٿيڻو هو. مائڪرو سافٽ پاران ونڊوز 8 جي انقلابي آپريٽنگ سسٽم جي اچڻ کان پهرين انهن سڀني پراڻن آپريٽنگ سسٽمن ۾ موجود نقصن جي شڪايتن، راين، تجويزن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي اوزارن جي سپورٽ سان گڏوگڏ اهو پڻ خيال ۾ رکيو ويو ته نئون آپريٽنگ سسٽم دورِ حاضر جي مڙني گهرجن کي به ضرور پورو ڪري.

وندوز 8 لاءِ جيئن ته مون بڌايو ته ونڊوز 7 کان پهرين ئي ڪم شروع ڪيو ويو هو، ان جو اعلان ڪمپنيءَ مختلف shows  ۾ پڻ ڪري چڪي هئي، ان جا شروعاتي 3 ورشن چڪاس لاءِ رليز ڪيا ويا ۽ آخرڪار 26 آڪٽوبر 2012 تي ونڊوز 8 کي مارڪيٽ ۾ عام استعمال لاءِ رليز ڪيو ويو. ونڊوز 8 جي اچڻ کان پهرين ڪمپيوٽر مارڪيٽ توڙي سماجي ميڊيا تي اهي شوشا زور وٺڻ لڳا ته ونڊوز 8  اڄ تائين آيل سڀني آپريٽنگ سسٽمس ۾ ڏکيو ترين هوندو ڇو جو ان ۾ نه ته start   مينيو جو بٽڻ آهي ۽ نه ئي وري  minimizeڪرڻ يا shut down  ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، جڏهن ونڊوز 8 جا چڪاسي ورشن رليز ٿيا ته ان ۾ موجود  TILES  سسٽم ڏسي دنيا جا سڀئي ڊولپر دنگ رهجي ويا ۽ جڏهن عام استعمال ڪندڙ تائين هي آپريٽنگ سسٽم پهتو ته ان جي آسان، عام فهم ۽ سولي ترين انٽرفيس کي ڏسي دنيا دنگ رهجي وئي.

ونڊوز 8 جتي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ نوان انقلاب آندا اتي دنيا جي ججهي تعداد ۾ ٻولين لاءِ لينگئيج پيڪ پڻ تيار ڪيا، جيڪي هن آپريٽنگ سسٽم جي مڪمل انٽرفيس کي ان ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا.

لينگئيج پيڪ ڪيئن انسٽال ڪري اسان پنهنجي ڪمپيوٽر کي سنڌي انٽرفيس ۾ آڻي سگهون ٿا ، ان کان پهرين ان جدوجهد پٺيان جيڪو پسمنظر آهي، ان جو جائزو پڻ وٺون. مائڪرو سافٽ پاران پاڻمرادو سنڌي سپورٽ، سنڌي لينگئيج ڪي بورڊ، سنڌي فونٽس، سنڌي انٽرفيس يا سنڌيءَ کي يونيڪوڊ ۾ شامل ڪرڻ جو ڪم ناهي ڪيو ويو پر ان جي پس منظر ۾ هڪ اڻ اعلانيل ادارو آهي، جنهن جو نالو سنڌي ڪمپيوٽنگ آهي.

 

سنڌي ڪمپيوٽنگ ڇا آهي؟

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي  استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جو ”ڪَکُ پن“ ڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي. محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ٻڌائي ٿو ته سن 2000ع ۾ تقريبًا ڇهن مهينن جي لڳاتار محنت کانپوءِ جڳ مشهور ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (ونڊوز) ٺاهيندڙ ڪمپني مائڪروسافٽ جي متعلقه شعبي جي سربراه پال نيلسن سان روبرو ميٽنگن، توڙي ساڻن سوين اي ميلز جي ڏي وٺ بعد، آئون مائڪروسافٽ ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي آڌار تي، معياري سنڌي جو بنياد وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ان جي استعمال کي ممڪن بڻايم ۽ سنڌيءَ کي سهڻا ۽ معياري فونٽ ڊزائن ڪيم، ته جيئن ٻوليءَ جي لکت کي جيترو ممڪن هجي خوبصورت بڻائي سگھجي.

اهڙي طرح سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان 21 هين صدي جي ابتدا ۾ هڪ نئين دؤر جو آغاز ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي اهليت آساني سان شامل ڪري، تقريبًا هر اهو ڪم ڪري ٿي سگھيا، جيڪو ان کان اڳ ۾ صرف انگريزي ۽ ٻين ترقي يافته ٻولين ۾ ممڪن هو. سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جنهن وٽ ڪمپيوٽر جي ڪابه ڊگري ناهي تنهن هوندي به اڪيلي سر پاڻ هڪ اڻ اعلانيل تنظيم بڻجي هڪ سٿ تيار ڪيو، جنهن سٿ اڳتي هلي قران مجيد جو سنڌي ترجمو، شاهه جو رسالو، سچل جو رسالو، سوين سنڌي اي بوڪس، سوين سنڌي لکت جا نمونا (فونٽس)، سنڌي ويب سائيٽون، فورم، بلاگ جوڙي پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪم ڪري ڏيکاريو آهي.

 

سنڌي ڪمپيوٽنگ سٿ جا ڪجهه مول متا:

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ
  • ۽ اڄ ان اڻ اعلانيل تنظيم ۽ سرواڻ سائين عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جي محنتن رنگ لاتو آهي ۽ مان هتي اها خوشخبري شبير ڪنڀار جي لفظن ۾ ئي اوهان سان شيئر ڪرڻ گهران ٿو:

“ انتهائي سرهائيءَ سان اهو ٻڌائجي ٿو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جو MB SINDHI وارو سنڌي ٻوليءَ جو لڳايل ڪمپيوٽري سَلو جوان ٿي ويو آهي جنهن جو مثال اڄ ونڊوز 8 جو انٽر فيس مڪمل طور سنڌي ٿي ويو ۽ مائڪروسافٽ سنڌيءَ کي مڪمل ٻوليءَ جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان هاڻي اسان جو ڪمپيوٽر مڪمل طور نه رڳو سنڌي لکڻ جي قابل ٿي ويو آهي بلڪہ ونڊوز جا سڀئي ڊائلاگ، پاپ اپ ونڊوز سميت پڻ سنڌي ٿي ويا آهن.
توڙي جو ٻوليءَ جي لحاظ کان ان ۾ اڃا اصلاح جي ضرورت آهي، جيڪا وقت بوقت ٿيندي رهندي، پر اسان لاءِ اها بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اڄ دنيا جي ٻولين ۾ اسان جي سنڌي ٻولي پڻ پنهنجي سڀني صلاحيتن سان ڪمپيوٽر معروف آپريٽنگ نظام ونڊوز تي موجود آهي.
مطلب سڀڪجھ سنڌيءَ ۾ نه رڳو لکت بلڪ ونڊوز جو سٽاءَ ساڄي پاسي وارو ٿي ويو آهي ۽ گڏو گڏ انگ توڙي ڏينهن پڻ سنڌيءَ ۾ ٿي ويا آهن، نه رڳو اهو پر مائڪروسافٽ پينٽ وغيره پڻ مڪمل سنڌيءَ ۾ آهن.
هيـئن لنڪ تي وڃي لئنگويج جو پئڪ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو ۽ پوءِ مٺڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر جا مزا ماڻيو، سولائيءَ سان ڪمپيوٽر کي سمجھو ۽ سهڻي سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪريو.”

 هاڻي اچو ته ڏسون وندوز 8 جو مڪمل انٽرفيس ڪيئن سنڌيءَ ۾ ڪري سگهجي ٿو. ان جو مرحليوار طريقو هيٺ ڏجي ٿو.

 ڪمپيوٽر جو ڪنٽرول پينل کولي، اتي Language  آپشن تي ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ Add a Language  ان کان پوءِ ڏنل فهرست مان  سنڌي Arabic کي سليڪٽ ڪريو پوءِ سنڌي جي سامهون  اضافي سيٽنگ ۾ وڃي لينگئيج پيڪ جي اپڊيٽ پهرين ڊائونلوڊ پوءِ انسٽال ڪريو ۽ سنڌيءَ کي Move Up  ڪري انگلش جي مٿان رکو. هاڻي ڪمپيوٽر کي                   RESTART  ڪريو………………….. ۽ مزو وٺو ونڊوز 8 جو، اهو ڀي پنهنجي مٺڙِي ٻولي سنڌيءَ ۾.

مٿي ذڪر ڪيل ڪم ايترو آسان نه هيو جيترو محسوس ٿي رهيو هوندو، سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ سندس ٽيم گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ان نيڪ عمل ۾ مصروف رهيا آهن ۽ انهن جي محنتن رنگ لاتو آهي ۽ اسان سنڌيءَ ۾ مڪمل ڪمپيوٽر هلائي سگهون ٿا. نه فقط ايترو پر سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اڻ اعلانيل ٽيم عام موبائيل فون تي سنڌيءَ  جي اکرن کي سولائيءَ سان پڙهي ۽ لکي سگهڻ لاءِ ڪافي عرصي کان پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪري رهي آهي.

محبوبه جي موبائيل

هوءَ اندر چانهه ٺاهڻ وڃي ٿي.

هو اڄوڪي ڪيل  فون ڪال ياد ڪري ٿو،

”اڄ اچان!؟“

” ها، ڀلي جان، هليو اچ!“

” ٻڌ!منهنجون ڪمهليون ڪالون ڪڪ ته نه ڪنديون اٿئي!؟“

” هاڻي عادي ٿي وئي آهيان، گهڻا ئي ڀونڪندا رهندا آهن.“

        هن جي نظر سامهون ٽيبل تي پيل موبائيل تي پوي ٿي. محبوبه جي موبائيل تي نظر پوندي ئي خوش ٿيندي کڻي ٿو.

” منهنجو نمبر الائي ڪهڙي نالي سان save ڪيو هوندئين!؟ …….. محبوب!………………. نه نه ………. پرين پيارو!…………نه نه ………. منٺار…………….. جانب…………….يا دلبر!……….. ها، پر نه نه …………. چڱو مس ڪال ڏئي ڏسان ٿو.

هو هُن جي نمبر تي ڪال ڪري ٿو،

موبائيل جي اسڪرين تي لکجي اچي ٿو:

Kutto # 6

Calling……

ڪتو نمبر 6

ڪالنگ …….

28 ڊسمبر جا شهيد ڪتاب

 

” اسان مرڻ کان اڳ ئي

پنهنجا جنازا پڙهي ڇڏيا آهن . . . .

. . . . اي وقت جا موذي!

اسان کي ڀٽائيءَ جي بيتن سان                

غسل ڪرائجان .“

مسيح مگسيءَ جي آزاد نظم جو مٿيو ٽڪرو 28 جنوريءَ تي قمبر ۾ سڙندڙ ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريريءَ جا ڪتاب بار بار دهرائي رهيا هئا .

ڪتب خانو – شمشان گهاٽ بڻيل هو، جتي ٻا لڪ ، جوان ۽ پوڙها ڪتابن جون آهون ۽ اوڇنگارون ٻڌي رهيا هئا .

ڪجهه ڪتاب مونن ۾ منهن هڻي ، چپ چاپ قربان ٿيڻ لاءِ راضي هئا ۽ ڪجهه احتجاج ڪندي واڪا ۽ واويلا ڪري رهيا هئا.

درسي ڪتابن دانهيو ، ” اڙي ڏسندڙوءَ ! اسان اوهان جي مستقبل لاءِ روشني آهيون اسان کي بچايو، نه جلايو.“

تاريخ جي ڪتابن ڪٻٽن اندران رڙ ڪندي چيو “ اڙي بي قدرئو! اسان کي بچايو، اسان اوهان جي ٻولي، قوم ۽ ثقافت کي زنده رکيو آهي . اسان اوهان کي ٻڌايو ته اصل ڇا هيو ۽ نقل ڇا آهي ، اسان اوهان جي ٻولي کي امرتا ڏني ، اسان راجا ڏاهر کي شهيد قرار ڏنو ، اسان سيد جي سچ کي جيئندان ڏنو. اسان کي بچايو .“

ادب جي ڪتابن با ادب ٿي ڇيو ، ” اسان اوهان جي قوم جا ترجمان آهيون ، اوهان جي اندر اڇل۽ جذبن کي معني ڏني آهي ، اوهان جي احساسن جي ترجماني ڪئي آهي . اوهان کي دنيا جي ٻين قومن سان ملايو آهي ، اوهان کي هڪ عظيم قوم قرار ڏنو آهي ۽ اوهان ئي اسان کي جلائي رهيا آهيو.“

مخصوص امتحاني ڪتابن ڀڙڪو کائي ڪڇيو ،“ وقت جي آمر حاڪمن اوهان کي  نااهل هجڻ جو تعنو ڏنو ۽ اسان اوهان کي اها واٽ ڏسي جو اوهان مقابلاتي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن کڻي انهن کي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ٻڌايو ته توهان نااهل ناهيو، توهان لاءِ واٽون بند ڪيل هيون. اسان اوهان لاءِ اُهي واٽون کوليون، تنهن ڪري اسان کي نه جلايو.“

معلوماتي ڪتابن ۽ اخبارن هم آواز ٿي چيو، ”اسان اوهان کي هر وقت ۽ هر ويل باخبر رکيو، دنيا جي هر خبر کي اوهان جي ٻوليءَ ۾ پڙهايو، سڀني ماهرن کي اوهان اڳيان رکيو، اوهان کي پنهنجي پرائي جي پرک ڏني پر افسوس جو اوهان شير شاهه جي شڪري (باز) وانگر پنهنجون ئي ”ڪڪڙيون“ ماريو ٿا.“

مذهبي ڪتابن ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”افسوس هي آدم جو اولاد، هر دور ۾ غلطيون ڪندو ٿو اچي ، ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا قيس ٿو ڪري ، صليب تي ٽنگي ٿو ، باهه ۾ اڇلي ٿو ، سوليءَ تي چاڙهي ٿو، گهاڻي ۾ پيڙهي ٿو ته به سمجهي نه ٿو ۽  هر دور ۾ جلائي ٿو هر شي، جن کي پوڄي ٿو ، تن کي جلائي ٿو ۽ وري پوڄي ٿو.“

ناياب ڪتابن ڏوراپيو . ” سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ، سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين هنڌن تي اسان کي جلايو ويوآهي، اسان ڳوليا نه ٿا لڀون پر اوهان کي ڇا؟ اوهان ته مذهبي ڪتابن کي به نظر آتش ڪري ڇڏيو آهي.“

سڀني ڪتابن واري واري سان واويلا وڻڪار ڪئي پر شاهه جو رسالو چپ چاپ مونن ۾ هڻي، قرباني لاءِ تيار هو، سڀ ڪتاب حيران هئا ته آخر اهي ڪتاب خاموش ڇو آهن؟.

آخر ڀٽائيءَ جا بيت ڪهڙي مصداق خاموش آهن پر ڪنهن به ڪتاب کي ايتري همت ڪا نه ٿي جو انهن کان پڇي. ايتري ۾ ڀٽائي جي رسالي مان هڪ سٽ چمڪي پئي،

”هو چوني ، تون م چئو، واتان ورائي.“

سڀني ڪتابن بيڪ آواز ٿي  پڇيو ته ايترو صبر ڇا لاءِ !؟ ايتري ۾ هڪڙو بيت چمڪي اٿيو، جنهن جي چمڪ باهه جي شعلن کان به تيز هئي.

”کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،

تن ۾ تنئوس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،

جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي.“

سڀئي ڪتاب وائڙن وانگر هڪ ٻئي ڏي ڏسڻ لڳا ۽ راز جي ڳالهه کي سمجهي ويا ۽ هڪڙوئي خيال سڀني جي دل ۾ ڪَرُ کڻي اٿيو ۽ اتحاد بڻجي ويو سڀني ڪتابن گڏجي ڪٻٽن کي الوداع چيو ۽ آڙاهه ۾ پاڻ اڇلايو. ڪتب خانو-شمشان گهاٽ بڻيل هو، جتي ٻالڪ، جوان ۽ پوڙها بيٺي بيٺي ڪتابن جو آلاپيل ڪورس سر گرم ٻڌي رهيا هئا.

”اسان مرڻ کان اڳ ئي

پنهنجا جنازه پڙهي ڇڏيا آهن….

…..اي وقت جا موذي!

اسن کي ڀٽائي جي بيتن سان

غسل ڪرائجانءِ.“

 

 

28 ڊسمبر جا شهيد ڪتاب

 

” اسان مرڻ کان اڳ ئي

پنهنجا جنازا پڙهي ڇڏيا آهن . . . .

. . . . اي وقت جا موذي!

اسان کي ڀٽائيءَ جي بيتن سان                

غسل ڪرائجان .“

مسيح مگسيءَ جي آزاد نظم جو مٿيو ٽڪرو 28 جنوريءَ تي قمبر ۾ سڙندڙ ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريريءَ جا ڪتاب بار بار دهرائي رهيا هئا .

ڪتب خانو – شمشان گهاٽ بڻيل هو، جتي ٻا لڪ ، جوان ۽ پوڙها ڪتابن جون آهون ۽ اوڇنگارون ٻڌي رهيا هئا .

ڪجهه ڪتاب مونن ۾ منهن هڻي ، چپ چاپ قربان ٿيڻ لاءِ راضي هئا ۽ ڪجهه احتجاج ڪندي واڪا ۽ واويلا ڪري رهيا هئا.

درسي ڪتابن دانهيو ، ” اڙي ڏسندڙوءَ ! اسان اوهان جي مستقبل لاءِ روشني آهيون اسان کي بچايو، نه جلايو.“

تاريخ جي ڪتابن ڪٻٽن اندران رڙ ڪندي چيو “ اڙي بي قدرئو! اسان کي بچايو، اسان اوهان جي ٻولي، قوم ۽ ثقافت کي زنده رکيو آهي . اسان اوهان کي ٻڌايو ته اصل ڇا هيو ۽ نقل ڇا آهي ، اسان اوهان جي ٻولي کي امرتا ڏني ، اسان راجا ڏاهر کي شهيد قرار ڏنو ، اسان سيد جي سچ کي جيئندان ڏنو. اسان کي بچايو .“

ادب جي ڪتابن با ادب ٿي ڇيو ، ” اسان اوهان جي قوم جا ترجمان آهيون ، اوهان جي اندر اڇل۽ جذبن کي معني ڏني آهي ، اوهان جي احساسن جي ترجماني ڪئي آهي . اوهان کي دنيا جي ٻين قومن سان ملايو آهي ، اوهان کي هڪ عظيم قوم قرار ڏنو آهي ۽ اوهان ئي اسان کي جلائي رهيا آهيو.“

مخصوص امتحاني ڪتابن ڀڙڪو کائي ڪڇيو ،“ وقت جي آمر حاڪمن اوهان کي  نااهل هجڻ جو تعنو ڏنو ۽ اسان اوهان کي اها واٽ ڏسي جو اوهان مقابلاتي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن کڻي انهن کي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ٻڌايو ته توهان نااهل ناهيو، توهان لاءِ واٽون بند ڪيل هيون. اسان اوهان لاءِ اُهي واٽون کوليون، تنهن ڪري اسان کي نه جلايو.“

معلوماتي ڪتابن ۽ اخبارن هم آواز ٿي چيو، ”اسان اوهان کي هر وقت ۽ هر ويل باخبر رکيو، دنيا جي هر خبر کي اوهان جي ٻوليءَ ۾ پڙهايو، سڀني ماهرن کي اوهان اڳيان رکيو، اوهان کي پنهنجي پرائي جي پرک ڏني پر افسوس جو اوهان شير شاهه جي شڪري (باز) وانگر پنهنجون ئي ”ڪڪڙيون“ ماريو ٿا.“

مذهبي ڪتابن ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”افسوس هي آدم جو اولاد، هر دور ۾ غلطيون ڪندو ٿو اچي ، ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا قيس ٿو ڪري ، صليب تي ٽنگي ٿو ، باهه ۾ اڇلي ٿو ، سوليءَ تي چاڙهي ٿو، گهاڻي ۾ پيڙهي ٿو ته به سمجهي نه ٿو ۽  هر دور ۾ جلائي ٿو هر شي، جن کي پوڄي ٿو ، تن کي جلائي ٿو ۽ وري پوڄي ٿو.“

ناياب ڪتابن ڏوراپيو . ” سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ، سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين هنڌن تي اسان کي جلايو ويوآهي، اسان ڳوليا نه ٿا لڀون پر اوهان کي ڇا؟ اوهان ته مذهبي ڪتابن کي به نظر آتش ڪري ڇڏيو آهي.“

سڀني ڪتابن واري واري سان واويلا وڻڪار ڪئي پر شاهه جو رسالو چپ چاپ مونن ۾ هڻي، قرباني لاءِ تيار هو، سڀ ڪتاب حيران هئا ته آخر اهي ڪتاب خاموش ڇو آهن؟.

آخر ڀٽائيءَ جا بيت ڪهڙي مصداق خاموش آهن پر ڪنهن به ڪتاب کي ايتري همت ڪا نه ٿي جو انهن کان پڇي. ايتري ۾ ڀٽائي جي رسالي مان هڪ سٽ چمڪي پئي،

”هو چوني ، تون م چئو، واتان ورائي.“

سڀني ڪتابن بيڪ آواز ٿي  پڇيو ته ايترو صبر ڇا لاءِ !؟ ايتري ۾ هڪڙو بيت چمڪي اٿيو، جنهن جي چمڪ باهه جي شعلن کان به تيز هئي.

”کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،

تن ۾ تنئوس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،

جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي.“

سڀئي ڪتاب وائڙن وانگر هڪ ٻئي ڏي ڏسڻ لڳا ۽ راز جي ڳالهه کي سمجهي ويا ۽ هڪڙوئي خيال سڀني جي دل ۾ ڪَرُ کڻي اٿيو ۽ اتحاد بڻجي ويو سڀني ڪتابن گڏجي ڪٻٽن کي الوداع چيو ۽ آڙاهه ۾ پاڻ اڇلايو. ڪتب خانو-شمشان گهاٽ بڻيل هو، جتي ٻالڪ، جوان ۽ پوڙها بيٺي بيٺي ڪتابن جو آلاپيل ڪورس سر گرم ٻڌي رهيا هئا.

”اسان مرڻ کان اڳ ئي

پنهنجا جنازه پڙهي ڇڏيا آهن….

…..اي وقت جا موذي!

اسن کي ڀٽائي جي بيتن سان

غسل ڪرائجانءِ.“

 

 

لوڪ ادب ۾ سگهڙن، عورتن جا ڪهڙا قسم بيان ڪيا آهن؟


لوڪ ادب جي وصف. اهميت ۽ تاريخ:

وڪي پيڊيا موجب لوڪ ادب (folklore)جي وضاحت هن طرح آهي:

” لوڪ ادب تاريخي قصن، راڳ رنگ، زباني تاريخ، پهاڪن، ڀوڳ چرچن، عام عقيدن، پرين جي ڪهاڻين، عام داستانن، ڊگهين ڪهاڻين ۽ انهن ريتن رسمن تي مشتمل آهي، جي نسل درنسل اظهارجيثقافت جو حصو بڻجي چڪيون آهن….. فوڪ لور لفظ سڀ کان پهرين  پراڻن ڪتابن جي شوقين هڪ انگريز  وليم ٿامس 1846 ع ۾ لکيل پنهنجي خط ۾ استعمال ڪيو.“

لوڪ ادب پنهنجي جوهر ۾ هڪ وسيع معنى ۽ مفهوم رکي ٿو، پر پوءِ به ڪجهه محققن ان جي وضاحت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، هڪ ٻي عام وصف اها پڻ ملي ٿي ته:

” Folklore is the stories, saying, customs, beliefs, songs or tradition of people, handed to individual by individual orally or written.“

ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب،” لوڪ ادب مان مراد آهي عام ماڻهن جو ادب، يعني اهو ادب جيڪوجڙتو ڪاريگرين ۽ سينگار کان پاڪ هجي.“

انسائيڪلوپيڊيا آف امريڪانا ۾ اها وصف هن طرح آهي.”  هي اهو علم اهي جو عام ماڻهن جي قديم مانتائن، ريتن، رسمن، ڀرمن، وهمن، قديم روايتن ۽ اعتقادن تي مشتمل هوندو آهي.“

هن قسم جي ادب کي ”دهقاني ادب“ ڳوٺاڻن ماڻهن جو ادب يا اهو ادب جيڪو ماڻهن وٽان ماڻهن کي زباني يا لکت جي صورت ۾ ملي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته لوڪ ادب اهو علم و ادب آهي جيڪو ڪتابن مان نه پر عام ماڻهن وٽان ملي.

هونئن ته لوڪ ادب جون ڪيتريون ئي خوبيون آهن، جن جي اهميت کان اکيون پوري به انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر انهن مان ڪجهه هتي بيان ڪجن ٿيون.

  1. هن ادب جو اسان جي سماجي زندگي سان گهرو تعلق هوندو آهي، هر قوم جي نجي ۽ اصل تاريخ، شعر ۽ لغت جو ڀنڊار هوندو آهي، ”لوڪ ادب هر قوم جي بقا جي تاريخ هوندو آهي.“
  2. لغت ٺاهڻ، معنى ڳولڻ، لفظن جون قديم صورتون ڳولڻ جو واحد ذريعو لوڪ ادب ئي آهي. ڳجهارت وسيلي واقعن، قصن، ڪهاڻين، داستانن، پوکن، پکين، جانورن، ڪپڙن، ماڳن، نالن، شهرن، هٿيارن، ڪکن ۽ ڪانن بابت هزارين لفظ زندهه رهجي وڃن ٿا. ڊاڪٽر سنديلي ان کي لغت جي اڻکٽ کاڻ ڪري سڏيو آهي.
  3. لوڪ ادب اسان جي ادبي خزاني ۽ ثقافت جو محافظ پڻ آهي. اسان جي سماجي حيثيت کي برقرار رکيو آهي. تاريخي واقعن کان خبردار رکيو آهي.

سنڌي لوڪ ادب جي تاليف ۽ ترتيب:

سنڌي لوڪ ادب صديون پراڻو آهي، ايترو جيتري سنڌي ٻولي. ايترو وسيع آهي جو ايترا عنوان دنيا جي ڪنهن به ٻئي لوڪ ادب ۾ نٿا ملن. ڊاڪٽر سنديلي مطابق،” لوڪ ادب اسان جي زندگيءَ جو مها ساگر آهي، جنهن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايل آهي.“ سنڌي لوڪ ادب وتايئي فقير جي ٽوٽڪن، مورڙي ميربحر جي بهادري، دودي چنيسر جي تاريخي ويڙهه، مارئي جي پکن سان پيار، سسئي پنهون جي پريم ڪهاڻي ۽ ٻين انيڪ داستانن سان مالامال هيو پر ضرورت هئي انهن وکريل موتين کي سهيڙڻ جي، جيڪو سهرو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي سر تي کنيو ۽ 1955ع تي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي تجويز سنڌي ادبي بورڊ جي اڳيان رکي، جيڪا 1956ع ۾ پاس ڪئي وئي جنوري 1957ع کان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٽيمون ٺاهي وڃي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ جون ان سلسلي ۾ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. وڪ ادب جي سلسلي جا ڪجهه بنيادي موصوعن تي ڪتاب ڇپرايا ويا، جيڪي هن طرح آهن.

  1.  (مداحون ۽ مناجاتون
  2.  (مناقبا
  3. (معجزا
  4. (مولود
  5. (ٽيه اکريون
  6. (واقعاتي بيت
  7. (نڙ جا بيت
  8. (لوڪ گيت
  9.  (لوڪ ڪهاڻيون
  10.  (عشقيه داستان
  11. (مورڙو ۽ مانگر مڇ
  12.  (ليلان چنيسر
  13. (عمر مارئي
  14. مومل راڻو
  15.  (نوري ڄام تماچي
  16.  (سسئي پنهون
  17. (رسمون رواج۽ سوڻ ساٺ
  18.  (دودو چنيسر
  19.  (جنگنامو
  20. ڳجهارتون
  21.  (ڳيچ
  22.  (سهڻي ميهار
  23.  (ڏور
  24.  (هير رانجهو
  25. ) سنڌي سينگار شاعري

 

لوڪ ادب کي بنيادي طور ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. 1.  لوڪ نثر 2. لوڪ شاعري

  1. لوڪ نثر: سنڌي لوڪ ادب ۾  عوامي شاعرن  ۽ ٻين لوڪ ادب جي صنفن سان گڏ عوامي قصن ۽ ڪهاڻين کي به تمام گهڻي اهميت حاصل آهي،  لوڪ ڪهاڻيون ته لوڪ ادب جي جان آهن، جن مان قوم جي پراڻن قصن، داستانن، آثارن، ريتن رسمن، وسوسن، وهمن ۽ نفسياتي لاڙن جي خبر پوي ٿي. سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي لوڪ داستان موجود آهن جن ۾ سسئي پنهون، مومل راڻو، سهڻي ميهار، هير رانجهو، ليلان چنيسر ۽ ٻيا شامل آهن، باقي لوڪ ڪهاڻين ۾ بادشاهن، وزيرن، ديون، پرين، شهزادن، جنن ۽ ڏائڻن جون ڪهاڻيون دنيا جي ٻين لوڪ ڪهاڻين جيان ٿوري ڦيرگهير سان موجود آهن. سنڌي ڏند ڪٿائون، پرين جون ڪهاڻيون، روايتي نيم تاريخي قصا ۽ جانورن جون آکاڻيون ته بيحد مشهور آهن. سنڌي روايتن يا نيم تاريخي قصن ۾ عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياچ، سسئي پنهون، مومل راڻو، سهڻي ميهار ۽ ٻيا مشهور آهن.
  2. سنڌي لوڪ شاعري: لوڪ شاعري هر دور جي زمان ۽ مڪان جو اثر وٺندي رهندي آهي، ان جا موضوع انقلابن ۽ تحريڪن جي ڪري بدلبا رهبا آهن. دنيا جي هر لوڪ ادب جيان سنڌي لوڪ شاعريءَ يا ادب جي شاعر يا موجد جي شخصيت عدم موجود آهي. سنڌي لوڪ شاعري ۾ ڪا به ٺاهه ٺوهه يا بناوت ناهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا مطابق، ” لوڪ شاعري جي هر صنف، ادبي ۽ لسانياتي نقطء نگاهه کان گهڻو ڌيان ڇڪائي ٿي. لوڪ ادب کي استادن ۽ ماهرن سموهي هڪ مستقل علم ۽ امر درجي ۽ منزل تي پهچائي ڇڏيو آهي.“

اهي چارڻ ۽ ڀٽ ۽ ڀان فقير ئي هيا جن سنڌي لوڪ شاعري ءَ کي زندهه رکيو، هتي لوڪ شاعريءَ جي ڪجهه صنفن جو مختصر جائزو وٺون ٿا.

الف:لولي: سنڌ جو عام ۽ پيارو لوڪ گيت آهي جيڪو ٻين ٻولين ۾ پڻ لکيو وڃي ٿو، جن جا هيٺيان قسم آهن، 1. جيجل لولي  2. مجازي لولي   3. اسلامي لولي

 

”شل گهوٽ ٿئين، اڻ موٽ ٿئين

جيجــــل اها  آس، امڙ  اها  آس.“

 

ب: سهرا: سهرن کي ڳيچ يا لاڏو به چيو ويندو آهي. عام طور تي شادي، ونواهه، طوهر مڱڻي جي موقعي تي عورتون ڳائينديون آهن.سنڌي سهرا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

 

”اڄ راڻـــــل جي ته  شادي آهي،

خوشيءُ ۾ مينهن وسيو آهي.“

 

 ٻ: مورو: مجازي محبت وارو گيت، جنهن ۾ انتظاري ۽ بيقراري شامل هجي.  هي لوڪ گيت ڪوهستاني ايراضيءَ ۾ مشهور آهي.

 

”اي سنيهڙو مان ڏيانءِ، ليهڙي جهڙي ناهيــان

پيغام ته موڪليانءِ، پر موڪلڻ جي لائق ناهيان“

 

ڀ: جمالو: سنڌي جنهن وقت خوشيءَ ۾ ناچ نچندا آهن ته جمالو ڳائيندا آهن، جمالو نالو ڪيئن پيو؟  ان لاءِ هڪ راءِ اها به آهي ته جمالو هڪ سنڌي شخص هيو، ملڪ کان ٻاهر ويل هيو ۽ جڏهن واپس آيو ته خوشيءَ ۾ گيت ڳايا ويا. هڪ روايت آهي ته اهو واقعو ميرن جي دور جو آهي.

” منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو

جنهن جا پير پنج سير الا، هو جمالو

جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾، هو جمالو

جيڪو لڙي ايندو لاڙ ڏانهن، هو جمالو.“

 

ت: پرولي: هي هڪ ڳجهارتي فن ۽ هنر آهي مطلب اهو جملو جنهن ۾ ٺاهيندڙ ڪا ڳجهي معنى رکي هجي، جنهن جو ڪو لڪل مطلب به ضرور هجي. هيءَ سنڌي لوڪ ادب جي پراڻي شاخ آهي، ڪنهن شيءِ جو پتو لڳائڻ يا پرولڻ کي چئبو آهي. پروليءَ جا ڪجهه قسم هي آهن، 1. سادي يا رواجي پرولي  2. بيتي پرولي  3. سوال جواب واري پرولي  4. گرو چيلي جا بيت  5. دستاڳ     6. ڏِٺِ

مثال:

گهر گهر ۾ لال ڪنوار

اڇي اڇي ٻار، جتي جهرڪي نه جهار

 

ٿ: ڳجهارت: سنسڪرتي لفظ ڳيهه ۽ آرٿ مان ورتل آهي. جنهن جي معنى آهي تمام اونهي مطلب واري ڳالهه. هي پروليءَ جو هڪڙو ڳوڙهو نمونو آهي. سگهڙ عبدالغفور منگيءَ جي هڪ تاريخي ڳجهارت هيٺ ڏجي ٿي.

” ڏيڻي: ولايت جي شهر ۾،

نالي اڳواڻ سان الله جيءَ ۾،

مردن جي ڪئي.“

1_ولايت ترڪي 2_ شهر استنبول 3_نالو نبي بخش 4_ اڳواڻ پيش امام 5_ الله جي مسجد 6_ مردن جي ڪچهري.

ڀڃڻِي: ترڪيءَ جي شهراستنبول ۾ نبي بخش مسجد جي پيش امام سان ڪچهري ڪئي.

 

ٽ: هنر: هنر فارسيءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي فن يا ڪاريگري. ڪاريگري تڏهن آهي جڏهن پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي جڏهن اصلوڪي حالت ۾ آهن ته اصل نالي سان سڏجن ٿا پر جڏهن ڪاريگر انهن مان ڪا ٻي شيءِ تخليق ڪري ٿو اهو هنر سڏجي ٿو، ائين شاعريءَ ۾ به آهي. هنر جا لوڪ ادب جي ماهرن 14 قسم بيان ڪيا آهن.

  1. سُرائتا_ سُرن مان کنيل بيت 2. بي سرا_ جيڪي ڪنهن به سر مان نه هجن. 3. ست سُري_ جنهن ۾ ست سر جيئن مومل راڻو، سهڻي ميهار وغيرهه آيل هجن. 4. ڏور_ هن جي معنى آهي وٽيل ڌاڳو کولڻ، هي به پروليءَ جو هڪ قسم آهي،  هن ۾ سگهڙ ڪانه ڪا ڏاهپ رکندا آهن. 5. ڏٺ_ هن ۾ لوڪ شاعر ڪا به ڏٺل شيءِ ڏسي ان کي لڪائي بيت ۾ ڏيندو آهي. 6. ڏهر_ ڏاهر مان ورتل آهي، جنهن جي معنى آهي ڏس، پتو.  هيءَ صنف عروض تي پڻ چئي ويندي آهي. هن صنف ۾ نبي سڳوري جو شان، اولياءُ ڪرام جو شان ۽ پيران پير جو شان پڻ ڳايو ويندو آهي. 7. مولود_ عربيءَ جي ان لفظ جي معنى آهي، نئون ڄاول ٻار. آنحضرت صلعم جي ولادت تي چيو ويندو آهي. 8. ڪوڏڻآ_ گهرن ۾ وڏيون ننڍڙن ٻارن کي ڪڇ ۾ جهلي کيڏائينديون آهن ۽ انهن کي وندرائڻ  لاءِ جيڪي خوشي جا گيت چونديون آهن انهن کي ڪوڏڻا چئبو آهي. 9. ٻيلڻ_ ڪنن تي هٿ رکي الوميان چوڻ کي ٻيلڻ سڏجي ٿو. 10. جهيڙا يا مناظرا_ هيءَ سنڌي لوڪ شاعريءَ جي لافاني ۽ لاثاني صنف آهي سگهڙ هن ۾ حالتن کي جهيڙي يا مناظري جي شڪل ڏيئي شعر چوندا آهن، سنڌي ۾ دلي ۽ طالب ، سس ۽ نهن، ٽوپي ۽ پڳ  جهڙا لکيل مناظرا مشهور آهن. 11. مدح ۽ مناجات_ مدح عربي لفظ آهي، معنى تعريف ساراهه. نبين، اوليائن ۽ بزرگن جي تعريف ۾ چيل هوندا. مناجات، هن ۾ خدا کان التجا ڪري ڪا دعا گهري وڃي. 12. معجزا ۽ ڪرامتون_  معجزهه عربيءَ جو لفظ آهي معنى اٿس اهو ڪم جنهن جي ڏسڻ سان انسان هڪدم مڃي ۽ عاجز ٿي پوي.  ڪرامت جي معنى آهي تعجب خيز ڳالهه 13. ٽيهه اکري_  هن کي سه حرفي به چوندا آهن، اها عربي رسم الخط کي وڌائي ٺاهي وئي آهي. 14. سينگار_ثمرنگار مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي سونهن ، سجاوٽ ۽ ٺاهه ٺوهه.

       سنڌي سينگار شاعري

”سنڌي سينگار شاعري“ هندي ”سينگار رس“  عشقيه شاعري مان سنڌ ۾ قدم رکيو، هن قسم جي شاعري ۾ محبوب جي حسن و جمال جي دل کولي تعريف ڪئي  ويندي آهي. هيءَ صنف ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ ۾ مقبول ٿي پر ان کان اڳ به لکي ويندي هئي پر ان دور ۾ هن تي خاص طور تي تجربا ڪيا ويا. هن صنف جو سنڌ ۾ سرواڻ حضرت جلال کٽي آهي.

شروع کان ئي سينگار رس شاعري جو موضوع ”نايڪا ڀيد“ ۽ سينگاررهيو ۽ ٽيون موضوع وري ”پدمڻي“ عورت جي مخصوص ۽ معياري سونهن سوڀيا ۽ عادات اطوار جي خيالي نظريي جي صورت ۾ نروار ٿيا. نايڪ يا نائڪ جي معنى قافلي جو سردار ۽ نايڪا جو مطلب ان سردار جي زال. خاص شاعري واري اصطلاح ۾ نايڪا معنى سورمي يا هيروئن جي دل جو راز يا محبت جي مام.

عشقيه شاعري جي استاد شاعرن ان محبت جي مام کي اظهاري ان جو نالو نايڪا ڀيد رکيو. عورت جي ساٺ سينگار کي اڀارڻ لاءِ اٺاويهه زيور جوان عورت جي حسن کي چمڪائڻ لاءِ لاڀائتا قرار ڏنل آهن. محبوب جي جسماني حسن جو موضوع وسيع هيو، قد قامت، شڪل شبيهه، چهري جي رونق، رفتار ۽ گفتار، اکين جا اشارا، زلفن جا ونگ، ڏندن جي مرڪ جا موتي، چپ، نڪ ۽ پيشاني مطلب فطري حسن جي تعريف جو موضوع ئي ڪافي هيو ويتر ان ۾ سورنهن سينگار شامل ڪري هن جي ميدان کي اڃا ڀي ڪشادو ڪيو ويو. جن مان ڪافي اديبن مطابق اهي سورنهن سينگار هي آهن. 1. بدن جي صفائي ڪرڻ 2. ڏندڻ ڪرڻ 3. صاف ڪپڙا پهرڻ 4. ڪجل لڳائڻ 5. لاک وغيرهه سان هٿن پيرن تي لالائي لائڻ 6. وار سنوارڻ 7. سينڌ ۾ سندور لڳائڻ 8. ڀرن جي وچ ۾ ڳاڙهو تلڪ لڳائڻ 9. کاڏيءَ ۾ ترُ ٺاهڻ 10. ميندي لائڻ 11. خوشبو لڳائڻ 12. پان چٻاڙڻ 13. گلن جا هار پائڻ 14. ڏندن کي ڳاڙهيرو ڪرڻ 15. لبن کي لال ڪرڻ 16. زيور ڳچيءَ جا هار پائڻ

سينگار رس شاعري جو سنڌ ۾ پهچڻ: سگهڙن وسيلي سينگار شاعري  سنڌ پهتي. سينگار رس شاعري جا اهي عنوان ۽ اشعار سنڌ جي سگهڙ ڀٽن ۽ چارڻن، منچلن مڱڻهارن ۽ ٻين سگهڙن سنڌ ۾ رائج ڪيا.  جيئن ته انهن ڀٽن، چارڻن ۽ مڱڻهارن  جو تعلَق  ٿرپارڪر سان هيو ۽ ”ڍول _مارو“ جي بيتن سان ان جي تصديق ڪري سگهجي ٿي.

سگهڙ جي لفظي معنى ڄاڻيندڙ يا سليقيمند آهي، اهي ٻولي، شعر ۽ قصي بياني جا ماهر هوندا آهن، ڪچهرين جي جان آهن. محفلون ۽ مچ مچائي ڄاڻن. سگهڙ لوڪ ادب جو ڄاڻو آهي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي شعري حسن جو اعلى استعمال ڄاڻي ٿو.

سگهڙن پاران عورتن جا بيان ڪيل قسم:

مٿي اسان پڙهي آيا آهيون ته سنڌي سينگار شاعري هندي سينگار رس شاعري جو تتبع آهي، تنهن ڪري هندي لوڪ ادب ۾ سگهڙن عورت جا جيڪي قسم بيان ڪيا آهن، اهي ئي سنڌي لوڪ ادب ۾ پڻ شامل آهن. هتي اسان اهي بيان ڪريون ٿا.

  1. پدمڻي:  پدمڻي کي سگهڙن اتم استري ڪري بيان ڪيو آهي ۽ سينگار شاعري ۾ گهڻي کان گهڻو ان کي ساراهيو ويو آهي. سنڌي توڙي هندي شاعري ۾ پدمڻي کي اوليت ڏني وئي آهي.  سگهڙ هن جي باري ۾ لکن ٿا ته پدمڻي تمام خوبصورت، نرم و نازڪ عورت آهي. جنهن جا وار ڊگها چيلهه جيترا آهن. ان جو چهرو چوڏهين تاريخ جي چنڊ جهڙو روشن هوندو آهي. هن نڪ طوطي وانگر آهي جنهن جا سوراخ بلڪل ننڍڙا هوندا اٿس. هن جا ڀرون گهاٽا ۽ ويڪرا آهن، هن جون اکيون وڏيون ۽ سهڻيون آهن، هن جي چيلهه سنهڙي آهي، قد ڊگهو اٿس ۽ رفتار ڊيل جهڙي اٿس. هن جي بدن مان ڪچڙي ڪنول جي خوشبو اچي ٿي.جنهن جي ڪري ڀونئر هن جي مٿان ڦرندو رهي ٿو. هن جو آواز ڪوئل جهڙو آهي. شرميلي ۽ خوشمزاج آهي. هميشه پاڻ کي پاڪيزهه ۽ صاف لباس پائڻ واري مڙس جو فرمانبردار رکندي آهي. ننڍيون وکون کڻي هلندي آهي، پن جيترو کاڌو کائيندي آهي. هڪ پلڪ جيترو مس آرام ڪندي آهي ۽ هوا جي جهونڪي تي جاڳي پوندي آهي.
  2. هسڻِي:  هسڻي جو هلڻ هاٿي وانگر هوندو آهي. مطلب ته اها تمام آهستي آهستي هلندي آهي، جيڪڏهن هسڻي کي ڪو مٽ يا مائٽ مانيءَ جي صلاح هڻندو  ته ان جو عزت ڏيڻ مان ئي ڍوُ ٿي ويندو. هن جا وار ڊگها چيلهه جيترا آهن، هن جي ننڊ ٻن پهرن جيتري آهي.هي سڏ ڪرڻ تي جاڳي پوندي آهي.
  3. چترڻي: چترڻي ناز ۽ نخرا ڪري هلندي آهي ۽ اڌ پاءَ جيترو کاڌو کائيندي آهي، هن جي وارن جي بيهڪ سٺي نه هوندي آهي. هن جي وارن جون چڳون الڳ الڳ نظر اينديون آهن. هن جون اکيون ننڊ ۾ ٿورڙيون کليل نظر اينديون آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ جاڳي رهي هجي. هيءَ پيرن جي آهٽ يا کڙڪي تي جاڳي پوندي آهي.
  4. سنکڻي: هن جو هلڻ ائين آهي ڄڻ پنهنجي پيرن سان زمين  کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، تمام تيز ۽ دان دان ڪري هلندي آهي. هيءَ کاڌي کائڻ وقت ڪنڊن کي منهن ڏئي ويندي آهي، يعنى تمام گهڻو کائيندي آهي.هن جا وار اڀا هوندا آهن، تمام گهڻو سمهندي آهي. سج اڀرڻ تي جاڳي پوندي آهي ۽ هٿ جي لوڏي تي اٿي پوندي آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

مددي ڪتاب:

1. لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

2. سنڌي سينگار شاعري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

3. سنڌي ادب جو جديد مطالعو، مختيار ملاح

4. وڪي پيڊيا ۽ گوگل سرچ انجڻ

ادب، شاعري ۽ علم العروض

 

ادب ڇا آهي؟

دنيا جي مڙني علمن ۽ فنن جو سرچشمو يونان ئي آهي، ادب جا جيڪي اصول افلاطون ۽ ارسطوءَ جوڙيا، صديون گذرڻ باوجود به اڄ جو شارح انهن جي چوگرد ئي ڦري ٿو. افلاطون پنهنجي ڪتاب Republic  ۾ لکي ٿو، ” علم ادب هڪ ڌوڪو آهي، شاعري سڀني ڪوڙن جي ماءُ آهي ۽ شاعر اخلاق جو دشمن آهي.“ ارسطوءَ پنهنجي استاد افلاطون جي مٿين اعتراضن جا دل کولي جواب ڏنا ۽ چيو ته تخليقي ادب نقالي ۽ محاڪات آهي، جنهن جو مقصد دل جي تفريح آهي.

خليفي مامون رشيد جي دور ۾ يوناني علمي خزانو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ ائين اهو فڪر عربن تائين پهتو، عربن ادب جا ٻه قسم بيان ڪيا، هڪ الهامي ۽ ٻيو مدرسن مان حاصل ڪيل ۽ تشريح هن طرح ڪئي،” اهو علم ، جو انسان جي دل ۽ ذهن کي وڌائي ، خيالن ۾ بلندي، نزاڪت ۽ قلب ۾ خوشي ۽ سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ، ان کي ادب چئبو آهي.“

يورپ جي نظر وري مختلف آهي، يورپي عالمن جي راين ۾ تضاد ضرور آهن پر ادب جي حقيقي وضاحت ضرور ملي ٿي.                  ”ادب انساني زندگيءَ جي تنقيد ۽ ان جو تفسير آهي.“ ميٿيو آرنولڊ

” قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت رکيو آهي، تن جي اظهار کي ادب چئجي ٿو.“ ميلڪن

” ادب به هڪ تاريخ آهي.“ هيگل

” اها تمام معلومات جيڪا ڪتابن مان حاصل ٿئي، اها ادب آهي.“ آرنولڊ سڪورسس

”  لائق مردن ۽ عورتن جي لکيل احساسن ۽ خيالن کي اهڙي نموني سان ترتيب ڏيڻ ، جو پڙهندڙ کي خوشي حاصل ٿئي، ادب  آهي.“ بروڪ

علامه آءِ آءِ قاضي مطابق ”ادب“ لفظ دب ماب ورتل آهي،  جو مطلب آهي ” پٽ تي ريڙهيون پائڻ“ لغت جي لحاظ کان معنى ، ” ريڙهيون پائيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ.“ سنڌي اصطلاحي معنى ۾ ” اڻ گهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻڻ.“ ۽ ماضي ۾ اهو فن سيکاريندڙ استاد کي اديب چئبو هو.

نتيجي طور اسان چئي سگهون ٿا ته ادب انهي علم جو نالو آهي، جنهن مان اسان کي روحاني آرام ۽ خوشي حاصل ٿئي.

بنيادي طور ادب جا ٻه قسم آهن. 1. نثر 2. نظم

نثر ۾ هر قسم جو مضمون لکي سگهجي ٿو. نظم جي مقابلي ۾ وڌيڪ آساني سان لکيو وڃي ٿو ڇو جو  نثر ۾ علم العروض ، ڇند وديا، وزن بحر ۽ ماترائن جي پابندي بلڪل به ناهي. نثري صنفن ۾ تاريخ، ڪهاڻي، مضمون، ڊراما، قصا، ناول، آکاڻِي، لغت، خط، دستاويز، ڪورٽن جا فيصلا، بيان ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه شامل آهي.

نظم جي لغوي معنى آهي پوئڻ. مصرعه ۾ مقرر ڪيل وزن جي ڌاڳي ۾ لفظن کي پوئڻ جو نالو نظم آهي. نظم جون صنفون، غزل، گيت، بيت، وائي، ڪافي، سانيٽ،  نظم، ڇتارو، مولود، حمد، نعت، مدح، مناجات وغيرهه آهن.

شاعري ڇا آهي؟

دنيا جون سڀ قومون قبولن ٿيون ته شاعري تڏهن کان آهي، جڏهن کان انساني جذبات جي شروعات ٿي. شعر جي تاريخ جا پيرا به يونان طرف وڃن ٿا. يوناني فيلسوفن جو چوڻ آهي ته شعر خيالي ڳالهيون آهن.

هندن جو رايو:  ويد  قديم آهن ۽ اهي شاعري يا نظم آهن.

يهودين جو رايو: حضرت دائود جو زبور  دعائن ۽ گيتن جو نظم ٿيل مجموعو آهي.

مسلمانن جو رايو:  ڪجهه مسلمان پڻ ان خيال جا آهن ته قران ۾ پڻ نظم موجود آهي. ٻيو خيال اهو آهي ته حضرت آدم عه هابيل جي قتل تي ڏک ۾ شعر پڙهيو، جيڪو سرياني ٻوليءَ ۾ هيو ۽ بعد ۾ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، ان کي دنيا جو پهريون شعر چيو وڃي ٿو.

شاعري شعر جو جمع آهي ۽ شعور مان ورتل آهي.  شعور، شاعر ۽ شاعري ٽئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن. اهو شعور الهام جي صورت ۾ خالق پنهنجي بندي ڏي موڪلي ٿو. ان الهام جي سرمستيءَ ۾ ئي مولانا رومي بي اختيار فرمائي ٿو، ” شاعري جزويست از پيغمبري“ يعنى شاعري به نبوت جو هڪڙو جزو آهي.

ارسطو جي مذهب ۾ شعر کي هڪ قسم جي مصوري يا نقالي سڏيو ويو آهي. ڀلي افلاطون شاعريءَ ۽ شاعر جو مخالف هجي، ڀلي اهو پنهنجي خيالي رياست ۾ شاعرن کي نيڪالي ڏي پر شعر جي اثر کان ڪوبه شخص انڪار ڪري نٿو سگهي. شعر پاڻ ۾ سمايل ڏک يا خوشي، جوش جذبي يا بيدليءَ جو اثر ضرور ٻڌندڙ تي ڇڏي ٿو. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي.

شاعريءَ جو سماج تي اثر؛

شاعر پنهنجي  شعر ۾ لفظن جو اهڙو ته جادو ٿو  پوئي ڇڏي جو اهو تاريخ جو رخ ئي بدلي ٿو وجهي،  يورپ  ۾ سياسي مشڪلات جي وقت، آڳاٽي وقت کان شعر کي، قوم جي ترغيب ۽ جوش ڏيارڻ جو هڪ زبردست اوزار سمجهيو ويندو آهي.

هڪ زماني ۾  ايٿنز ۽ مگارا وارن جي وچ ۾ سيلمس  ٻيٽ تان لڙائي لڳي، ان ۾ ايٿنز وارن شڪستون پئي کاڌيون، نيٺ جنگ تان هٿ کڻي اهو قاعدو پاس ڪيو ويو ته  جيڪو به ٻيهر وڙهڻ لاءِ چوندو يا ان ڳالهه جو ذڪر به ڇيڙيندو ان کي قتل ڪيو ويندو.  ان وقت ان ڏرتيءَ ڄائو مشهور شاعر سولن جيئرو هو، ان کي غيرت آئي، هو بناوٽي چريو ٿي پيو ۽ شعر لکي شهر جي ماڻهن کي پڙهي  ٻڌائڻ لڳو، ماڻهن ۾ ايترو جوش پيدا ٿيو جو وري گڏ ٿيا، دشمن سان وڙهيا ۽  سيلمس فتح ڪيائون.

لارڊ بائرن جو هڪ مشهور نظم ” چائلڊ هيرلڊ پلگرميج“ آهي، جنهن جي هڪ ڀاڱي ۾  فرانس، انگلينڊ ۽ روس کي غيرت ڏياري اٿس ۽ يونانين کي ترڪن جي غلامي مان آزاد ٿيڻ لاءِ  ڀڙڪايو اٿس،  بائرن جي نظم جي سڄي يورپ ۾ ڌوم مچي وئي ۽ يونين بغاوت ڪري ترڪن کان آزادي ورتي.

ايراني شاعر رودڪي جو قصو مشهور آهي ته امير نصر بن احمد ساساني خراسان فتح ڪرڻ  بعد هرات ۾ رهي پيو ۽ بخارا موٽڻ جو خيال ئي دل تان لاهي ڇڏيو هئائين، امير امرا تنگ ٿي پيا. نيٺ رودڪي هڪ قصيدو لکيو،  شاهه کي راڳ روپ جي وقت پڙهي ٻڌايائين، ان جو اهڙو اثر ٿيس جو ان مهل ئي گهوڙي تي چڙهي لشڪر سان گڏ روانو ٿيو.

جنگ جي ميدان ۾ پڻ ملڪي حب سان سرشار شاعري پڙهي جنگ وڙهندڙ سپاهين جي دلين ۾ وطن لاءِ قربان ٿيڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويندو آهي.

شيڪسپيئر جي نظمي ناٽڪن کي پڻ بائيبل جي برابر سمجهيو ويندو آهي. مختصر ته شعر پنهنجي جوهر ۾  سماج تي ڀرپور اثر ڇڏي ٿو ۽ ان جي سببان سماج ۾ تبديليون پڻ اچن ٿيون.

شعر کي پرکڻ جو علم:

سرود ۽ راڳ شاعري جي جان آهي، جيڪو شعر ترنم کان خالي آهي سو حقيقت ۾ شعر ناهي، شعر جي موزون هجڻ جي پرک ڪرڻ لاءِ جيڪي علم اسان وٽ موجود آهن، اهي هندي ڇند وديا ۽ علم العروض آهن. شاعريءَ جون سڀيئي صنفون يا ته هندي ڇند تي آڌاريل هونديون آهن يا علم العروض جي ارڪانن تي. هتي اسان ٻنهي تي هڪ نظر وجهون ٿا.

هندي ڇند وديا:   هندي مان مراد هي علم هندستان جي پيداوار آهي، ڇند آواز کي چئبو آهي ۽ وديا جو مطلب آهي علم، مڪمل معنى هن طرح ٿيندي ته آوازن جو هندي علم. هن علم  کي هندي پنگل به سڏبو آهي. هن فن جو باقاعدهه آغاز پنگل رشي جي تصنيف ” پنگل، ڇند شاستر“  سان ٿئي ٿي.  علم العروض ۾ اصول ۽ ارڪان آهن، اهڙي طرح ڇند وديا ۾ به آهن، فرق اهو آهي علم العروض ۾ اصول ثلاثي (ٽن حرفن وارا) رباعي(چئن حرفن وارا) ۽ خماسي( پنجن حرفن وارا) ٿيندا آهن، پر ڇند جا اصول هڪ حرفي۽ ٻه حرفي ٿيندا آهن. حرف جي اڪائي کي ڇند وديا ۾ ماترا چئبو آهي.، مثال: ”ا“ ۾ هڪ ماترا آهي ۽ ”آ“ ۾  ٻه ماترائون آهن. ماترا کي مت، متا، ڪل، ڪلا به چئبو آهي. ڇند ٻن قسمن جا هوندا آهن. 1. ماترائي ڇند 2. ورنڪ ڇند

 

علم العروض ڇا آهي؟

علم العروض  ان علم کي چئجي ٿو، جنهن وسيلي  شعر جي موزونيت ۽ جوڙجڪ بابت ڄاڻ ملي سگهي. آسان زبان ۾ ائين کڻِي چئجي ته اهو علم جنهن مان شعر جو وزن بحر معلوم ڪري سگهجي. عربستان  کان شروع ٿيل هن علم جو موجد خليل ابن احمد آهي. جڏهن مڪي شريف ۾ رهندو هو تڏهن هي علم ايجاد ڪيائين، هو تمام قابل ۽ ڄاڻُو  هيو پر چيو ويندو آهي ته هي علم کيس الهام ٿي آيو هو.

جيئن هن علم جي وجود ۾ اچڻ تي اختلاف آهن تيئن هن علم جي نالي جي منسوبي پڻ مخفي رهي آهي، ان حوالي سان ڪجهه دلچسپ خيال هتي ونڊيون ٿا.

  • خيمي جي وچ واري ڪاٺي/لڪڙو جنهن تي خيمو آڌاريل هوندو آهي ان کي عروض چيوويندو آهي، ان ڪري   شعر جو توازن معلوم  ڪرڻ کي ان ڪاٺيءَ سان ڀيٽ ڏني وئي آهي.
  • مڪي مڪرمه جو هڪ نالو عروض به آهي  ۽ جيئن ته هي علم مڪي ۾ ايجاد ٿيو، ان ڪري عروض نالو رکيو ويو.
  • شعر جي پهرين مصرعه جي آخري رڪن کي عروض چيو ويندو آهي. ان ڪري به نالو پيو هوندو.
  • عروض ، عرض مان ورتل آهي ۽ هن علم لاءِ خليل بارگاهه الاهي ۾ عرض رکيو هو.
  • عروض جي هڪ معنى ڪڪر به آهي،  جبل جو لڪ به آهي، ڪنهن شِيءِ جو پاسو يا ڪنارو به آهي

مختلف رايا آهن نالي جي حوالي سان پر وڌيڪ مستند اها لڳي ٿي ته عروض معروض مان ورتل آهي، مطلب جنهن تي دارومدار هجي ۽ شعر جو دارومدار ان جي ارڪانن جي وزن تي آهي ان ڪري هن علم جو اهو نالو رکيو ويو هوندو.

وزن : لغت ۾ ڪنهن شيءَ جي تورڻ کي وزن چوندا آهن، هتي وزن لفظ جي معنى ڀي تورڻ واري ئي آهي پر ماپ جو پيمانو اکرن تي مشتمل آهي، جيئن: اچ ۽ وڃ ، يار ۽ هار هم وزن لفظ آهن.

بحر:  رڪنن جي مجموعي کي بحر چئبو آهي.

ارڪان رڪن جو جمع آهي، لغوي معنى اٿس ڪنهن شيءِ جو وڏو حصو.

انهن سان شعر کي توربو آهي ۽ بحر هڪ تارازيءَ وانگر آهي جنهن جا پڙ اها شاهدي ڏيندا ته شعر انهن تڪن ماپن اندر ٺهيل آهي يا نه. ناموزون شعر جي وزن ڪرڻ لاءِ جيڪي حدون مقرر آهن تن کي ارڪان يا افاعيل ڪوٺبو آهي ۽ اهي  خليل ابن احمد ڏهه تيار ڪيا پر سنڌي ۾ ڪل 8  ارڪان آهن جن مان بحر ٺاهيا ويندا آهن.

فعولن 2. فاعلن 3. مفاعيلن 4. مستفعلن 5. فاعلاتن 6. مفاعلتن 7. متفاعلن 8. مفعولات

ارڪان ڪيئن جڙندا آهن ان لاءِ اسان کي متحرڪ ۽ ساڪن آواز (اکر) سمجهڻا پوندا.

متحرڪ:  اهي اکر جن جو آواز بلڪل چٽو، صاف ۽ واضع هجي يا انهن تي پيش، زير، زبر ڇد، مد وغيرهه هجي اهي متحرڪ سڏجن ٿا.

جيئن،  عباس …… هتي ع ب س متحرڪ آواز يا اکر آهن.

ساڪن: اهي اکر يا حرف جن تي جزم هجي يا اچارڻ ۾ چٽا، صاف ۽ واضع نه هجن اهي ساڪن سڏبا آهن.

جيئن، عباس……. هتي صرف ا ساڪن آهي.

ارڪانن جي بناوت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي  هيٺيان اصول پڻ سمجهڻا پوندا.

سبب: لغوي معنى نوڙي

وتد: لغوي معنى ميخ يا ڪوڪو

فاصلاL لغوي معنى ٿنڀو

سبب ٻه حرفي ڪلمي کي چئبو آهي مثال، اڄ، اچ، دل، ٺا

ان جا ٻه قسم آهن.

سبب خفيف، اهو ٻن اکرن وارو لفظ جنهن جو پهريون اکر متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن هجي، جيئن ، ڀل، دل، ڏي، ها

سبب ثقيل، اهو ٻن اکرن وارو لفظ جنهن جا ٻئي اکر متحرڪ هجن. جيئن،  دمُ، ڪپُ

وتد ٽن حرفن واري ڪلمي کي چئبو آهي مثال، اهو، مال، سال، گلن

ان جا به ٻه قسم آهن.

وتد مجموع، جنهن جا پهريان ٻئي اکر متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، جيئن،  چمن، امن

وتد مفروق، جنهن جو  پهريون ۽ ٽيون اکر متحرڪ ۽ وچون ساڪن هجي، جيئن، سال، مال، حال

فاصلا جا به ٻه قسم آهن.

فاصلا صغرى، اهو ڪلمو جنهن جا پهريان ٽي متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، جيئن، علوي، قمري

فاصلا ڪبرى، اهو پنجن  حرفن وارو ڪلمو جنهن جا پهريان چار حرف متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، سنڌي ۾ ان جو مثال موجود ناهي.

هاڻي اسان سڀني ارڪانن  جا اصول معلوم ڪنداسين:

فعولن فعو (وتد مجموع) لن (سبب خفيف)

فاعلن فا (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)

مفاعيلن مفا (وتد مجموع) عي (سبب خفيف) لن(سبب خفيف)

فاعلاتن فا (سبب خفيف) علا (وتد مجموع) تن (سبب خفيف)

مستفعلن مس (سبب خفيف) تف (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)

مفاعلتن مفا (وتد مجموع) عل (سبب خفيف) تن (سبب خفيف)

متفاعلن مت (سبب خفيف) فا (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)

مفعولات مف (سبب خفيف) عو (سبب خفيف) لات (وتد مفروق)

 

بحر:

بحر لفظ جي لغوي معنى آهي سمنڊ يا درياءُ، علم العروض ۾ مقرر ڪيل حدن جي تڪن کي بحر چئبو آهي، جنهن سان شعر جو وزن پورو بيهاريو وڃِي. بحرن جا ٻه قسم ٿيندا آهن. سالم ۽ غير سالم

سالم بحر اهي آهن جن جا سڀ رڪن پوري طرح ثابت ڪم آيل هجن ۽ ڪابه ڪٽ ٽڪ نه ٿيل هجي.

غير سالم جنهن جي رڪن مان ڪو حرف گهٽ ڪيل يا وڌايل هجي، جيئن مفاعيلن جو بحر هزج جو هڪ رڪن آهي ان جو پڇاڙي وارو نون ڪڍي ڇڏبو ته مفاعيل ٿي پوندو يا ان نون جي اڳيان الف وڌيڪ رکبو ته مفاعيلان ٿي پوندو، ان وڍٽڪ جي ڪري اهو غير سالم بحر ٿي پوندو.

ڪل مشهور بحر 19 آهن. جن مان 15 خليل ابن احمد تيار ڪيا، 3 بحر ايراني عالمن ايجاد ڪيا ابوالحسن هڪ بحر تيار ڪيو.

پنج بحر طويل، مديد، بسيط، وافر ۽ ڪامل فقط عربيءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن.

ٽي بحر جديد. مشاڪل ۽ قريب عجمين جا بحر آهن.

سنڌي ۾ استعمال ٿيندڙ بحرن جو تعداد گهٽجي ويو آهي.

هڪ رڪن مان ٺهندڙ بحر

بحر هزج (مفاعيل اٺ ڀيرا)

بحر رمل (فاعلاتن اٺ ڀيرا)

بحر تقارب (فعولن اٺ ڀيرا)

بحر رجز(مستفعلن اٺ ڀيرا)

بحر متدارڪ ( فاعلن اٺ ڀيرا)

بحر ڪامل( متفاعلن اٺ ڀيرا)

بحر وافر(مفاعلتن اٺ ڀيرا)

اٺن رڪنن مان 7 بحر تيار ڪيا ويا باقي بچو هڪڙو يعنى مفعولات ان مان مرڪب بحر ٺاهينداسين.

بحر بسيط(مستفعلن فاعلن چار ڀيرا)

بحر طويل ( فعولن مفاعيلن چار ڀيرا)

بحر مديد (فاعلاتن فاعلن چار ڀيرا)

بحر مجتث( مستفعلن فاعلاتن چار ڀيرا)

بحر مضارع( مفاعيلن فاعلاتن چار ڀيرا)

بحر مقتضب( مفعولات مستفعلن چار ڀيرا)

بحر منسرخ ( مستفعلن مفعولات چار ڀيرا)

بحر جديد ( فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن ٻه ڀيرا)

بحر خفيف (فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن ٻه ڀيرا)

بحر سريع( مستفعلن مستفعلن مفعولات ٻه ڀيرا)

بحر قريب ( مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن ٻه ڀيرا)

بحر مشاڪل (فاعلاتن مفاعيلن مفاعيلن ٻه ڀيرا)

 

اسان جا سنڌي شاعر رڳو 12 بحرن ۾ غزل لکندا آهن ۽ انهن ۾ زحاف ڪتب آڻي ڪيترائي ٻيا وزن جوڙي ورتا اٿن اهڙا تجربا شيخ اياز جي غزلن ۾ ملن ٿا.

 

تقطيع ڇا آهي؟

لغوي معنى آهي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ يا وڍڻ. علم عروض جي اصطلاح ۾ شعر جي سٽ کي ٽڪرن ۾ ورهائي بحر معلوم ڪرڻ. ان کي معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي قافيي يا لفظن جي بيهڪ جو خيال ناهي رکڻو پر ساڪن ۽ متحرڪ آوازن کي سڃاڻي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته ڪهڙو حرف ساڪن آهي ۽ ڪهڙو متحرڪ. ان کان پوِءِ وتد مجموع ۽ سبب خفيف کي ملائي رڪن معلوم ڪريو ۽ اصل بحر ڪڍي وٺو.

علم عروض هڪ هنر، فن ۽ ٽيڪنڪ ئي آهي، جنهن کي سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ۽ ٻين کي پڻ سمجهائي سگهجي ٿو. شعر ۾ موسيقيت پيدا ٿئي ٿي جنهن ڪري ان شعر کي آرام سان ترنم ۾ ڳائي شعر جي فڪر جي گهرائي ۾ لهي وڃي سگهجي ٿو. هڪ سٺي ۽ ڪلاسيڪيت واري شاعري فني ۽ فڪري حوالي سان مڪمل هئڻ گهرجي، اگر فن ۾ کوٽ هوندي ته خيال ڪيترو به ڀرپور ڇو نه هجي اهو اثر ڇڏي نه سگهندو

سنڌ ورسٽيءَ ۾ هولي

 

سنڌ ۽ صوفي، سنڌ ورسٽي ۽ سوڀ، مذهبي آزادي، ڀائپي، روشن خيالي هم معنى هيا، آهن. (اميد اٿئون ته هميشه رهندا) هولي ۽ عيد، ڪرسمس ۽ ورسٽي، آءِ آءِ قاضي ڪيمپس تي هٿ هٿ ۾ ڏئي هليا آهن. ڏياري پياري مسلم توڙي هندو سڀ گڏجي ملهائيندا آهن، جڏهن ڪيمپس تي هوليءَ جون حسناڪيون نروار ٿيڻ لڳنديون آهن ته رنگن جي رس ۾ اها خبر ناهي پوندي ته رنگن ۾ رڱيل مسلم آهي يا هندو.اعتدال پسندي ۽ تصوف ته سنڌين جي خمير ۾ خم آهي. ازل کان ۽ سنڌ ورسٽي ۾ ته اهو انتها تي هوندو آهي. سنڌ ورسٽي انهي اعتدال پسندي جو مجسمو آهي. اسان سنڌين لاءِ هر مذهب احترام لائق آهي ۽ سڀ کان مٿي انسانيت آهي ۽ اهو ئي ته هر مذهب جو متو ئي ته آهي. سنڌ يونيورسٽي انهي ساک سان سڃاتي ويندي آهي ته اتي ڪوبه مذهبي مت ڀيد ناهي. پر هوائن جي هڳاءَ ۾ ڪجهه ڪروڌ ۽ تنگ نظري سمائڻ لڳي آهي، هوليءَ جي رنگن ۾ ڪو مذهبي جنونيت ڦهلائڻ لڳو آهي، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ پڙهڻ ۾ آيو آهي ته مادرِ علمي جي ڪيمپس تي مذهبي جنونيت جو ”بروٽس“ سنڌين جي اعتدال پسندي جي ”سيزر“ کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ڀٽائيءَ جي ڀونءِ  کي ابداليءَ جي اولاد اورانگهي رهي آهي. جيئن پنجاب يونيورسٽي ۾ ڪنهن به جوڙي جي گڏ ويهڻ تي پابندي آهي تيئن ئي هتي ٿيڻ جا خوف ڪر کڻي رهيا آهن.

گذريل هولي به گوليءَ سان گونجي هئي، (توڙي جو ان ۾ مذهبي عنصر نه هو.) ۽ هيءَ هولي به لهو ۾ لت پت ٿي. اهي به خبرون آهن ته هندو شاگردن کي ڏهڪايو ٿو وڃي ( ۽ بدقسمتي سان ڪجهه استاد به ان ڪڌي رسم ۾ شامل آهن.) اسان کي پنهنجي خمير کي زندهه رکڻو آهي، شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو ڪنڌ بلند رکڻو آهي ۽ اياز جي خوابيل سنڌ جي تعمير ڪرڻي آهي.

اسان سنڌ وارن، ازل کان اياز،

ڪنهن لاءِ ميري سمائي نه من.

جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“

جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“

عباس ڪوريجو

ولادت ۽ حسب نسب:

سنڌ جو عوامي شاعر ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو باني ڪشنچند تيرٿداس کتري، تخلص ”بيوس“ سن 1885ع  ۾ لاڙڪاڻي جي زرخيز زمين تي پهرين اک کولي، سندس پڙڏاڏو ملتان مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو هو، ان ڪري ئي سندن ملتان سان ويجهڙو تعلق پڻ رهيو. بيوس کي ٻه ڀينر ۽ ٻه ننڍا ڀائر هيا۽ اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون اٿس.

تعليم ۽ پيشو:

ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين، انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، استادي پيشو اختيار ڪيائين جنهن سان مرڻ گهڙيءَ تائين نڀايائين. هو هڪ اعلى آدرشي استاد هو، هن رام پنجواڻي ۽ هري دلگير جهڙا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا. گهڻو وقت وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ماستر ٿي رهيو، پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري 1940ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

طبيعت ۽ تخلص:

نماڻپ ۽ نهٺائي هن جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هئي، شرميلو ۽ حجابي رهيو، ايتري حد تائين جو جڏهن به کيس ڪنهن شاعرانه محفل ۾  شعر پڙهڻ لاءِ گهرايو ويندو هو ته پاڻ  نه ويندو هو پر پنهنجو شعر موڪلي ڏيندو هو.پنهنجو تخلص ” بيوس“ شايد ان ڪري به مناسب سمجهيائين جو هن سمجهيو ٿي ته انسان ڪيترو به با اختيار ڇو نه بڻجي وڃي پر فطرت جي آڏو ڪٿ نه ڪٿ بيوس بڻجي ويندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي بيوس، ويچارو، نماڻو، مسڪين ۽ نٻل ڪوٺرايو.

سياسي ۽ سماجي لاڙو:

بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسطه رهيو، گانڌيءَ جي نظريئي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ لاءِ هي شعر چيو اٿس:

سملي جي اوچائيءَ وارو، اوچو تنهنجو شان گانڌي
چوٽ بلنديءَ تي پهچايو، ڪانگريس نشان گانڌي

گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا“  سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس باوجود وڏيءَ عمر هجڻ جي انگريزي سکيو. هر آچر تي پنهنجي سنگت کي ٽئگور واري سکيا ڏيندو هو ته دنيا جي هر نظاري مان خوشي ۽ آنند ڪيئن حاصل ڪجي، حياتيءَ جي هر پهلوءَ مان راضپو ۽ سک ڪيئن تلاشجي. مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ جو درس هن طرح ڏنو اٿس:

”اک لڙڪ سان، منهن مرڪ ڀريو ياد ڪنداسين
فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.“

شوقيه پيشو:

استادي کان علاوهه بيوس حڪمت جو ڪم  به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ” هوميو پيٿي“ طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، اڄ جي ڪاسائي ڊاڪٽرن جيان نه هو، غريب غربي جو مفت علاج ڪندو هو.

بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس  هڪ ” ڀاڳيا اسڪيم“ ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائي ان اسڪيم کي اڌ ئي رهيل رکيو.

شاعري ڏانهن لاڙو:

ڏات ته بيوس جي من اندر اوتيل هئي ۽ ڏانءَ کان روشناس ٿيندو رهيو پر سن 1900ع  ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي ويس، جيڪو رات جو ئي هاسٽل سپريڊينٽ پڙهي ورتو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ گهرائي پٺي ٺپيندي چيو هئاينس، ” بيوس! ڪنهن ڏينهن اعلى درجي جو شاعر ٿيندين.“

اهو شعر هتي پيش ڪجي ٿو:

”اڄ، مڙي بادل کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب
پڻ چڙي ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.“

تعليم ۽ پيشو:

بيوس جي شاعري۾ هر فڪر ۽ خيال سمايل آهي، پر ان وقت جون سماجي ۽ سياسي تبديلين جو اثر پڻ هن جي شعر تي نظر اچي ٿو، هتي انهن مان ڪجهه جو  مختصر ذڪر هتي پيش ڪريون ٿا.

1. قومي جذبو:  بيوس جي زماني ۾ خلافت هلچل، ڪانگريس تحريڪ، آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا ۽ ٻيون تحريڪون هليون پئي، ان ڪري بيوس جي شعر ۾ پڻ  قومي درد جو جذبو موجود آهي.

” اهي مائرون ڀلي مرڪن، جي ٻاروتن ۾ لولي ڏين
ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.
ڇڏي واپار ڌنڌن کي،  ڏئي تالا مدرسن کي
اچن گڏ ملڪ جي سڏ تي، ڦٽائي عيش ۽ عشرت“

2. روحانيت ۽ تصوف:  بيوس جي ڪافين  ۽ ڪتاب ” سامونڊي سپن“ ۾ صوفي فڪر تي طبع آزمائي ٿيل آهي ،

”پڃري آدم دي وچ ڪيئن آئين، هئين ته شير خدائي يار

                                                          هئين ته مرغ هوائي يار“

بيوس طبيعتن ڀي فقير منش هو، حقيقي يار جي ڳولا ۽ ان سان ملڻ جي تڙپ هن جي شعرن ۾ نظر اچي ٿي.

” لالڻ لقاءُ تنهنجو، هر جا نظر اچي ٿو،
توکي ڏسان ٿو آڏو،  دشمن اگر اچي ٿو.“
…..

” گهُر نه هرگز، گهرج اندر ناقصائي جو نشان
فڪر بيوس ڪر فنا، طلب و تمنا واسطي.“

3. جيون ڪوتا: بيوس گرونانڪ جي جيون ڪوتا پڻ رچي، ان کان علاوهه تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر واري، راڻي پرتاب سنگهه ۽ ٻين جي زندگيءَ تي مرثيا ۽شعر چيا اٿس. وشنداس قمبر واري جي پرلوڪ پڌارڻ تي هي:

” هو هليا هنگلاج ڏي، سامي سفر پورو ڪري،
ٿو قمبر ڪيهون ڪري، اڄ ڳاٽ ڳوڙهن سان ڀري.“

4. فطرت:  فطرتي منظرن جي عڪسيت يا محاڪات بيوس جي شاعري  ۾ چپي چپي نظر اچي ٿي، هتي ڪجهه مثال بيان ڪجن ٿا.

” کير ڌرتيءَ تي وهائي، ٿي سهائي راتڙي“
”سبز پوشي، مخملي تهه، آهه ڌرتيءَ تي چڙهيو.“
”واسينگ ڦڻ پٽن ٿا، هڪ ٻئي سان مڻ مٽن ٿا.“
سهڻا لغڙ سدائين ٿو انڊلٺ مان ٺاهين!“
” جڏهن وڻن ۾ واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو.“
” ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، بيوس من ۾ ناد وڄي ٿو.“

5.  موجي گيت/ٻاراڻي شاعري:  حياتيءَ جا پويان 10 سال بيوس ٻاراڻِي شاعري کي ارپيا، ٻارن لاءِ لکيل سندس اهي گيت ايترا ته سولا ۽ ترنم ۽ رڌم سان ڀرپور آهن جو درسي ڪتابن کان وٺي سنڌي گيتن تائين بيوس ئي بيوس نظر اچي ٿو.

” ڦوڪي  ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو اهي ملوڪڻو“
” اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون“

” آءُ لهي تون تارا آءُ، مونسان گڏجي ماني کاءُ،
ڇو مچڪائين خالي وات، ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات.“

تارن ۾ تولاءِ گهڙيال، وقت جو جنهن مان جاچين حال.“

”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ، خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ.“

” آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري،
ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي،
ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٺهنديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون،
ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي ، مفت ۾ ويندي.“

6. سماجي براين خلاف شاعري:

بيوس وياج، جوا، شراب، بيروزگاري، ڌيءُجنم ۽ ٻين سماجي براين کي پڻ پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو آهي.

”خون مسڪيني ٿي چوسيو، سَودخورن ڄور جيان،
گهرج جي گهوٻي لڳي ۽ وياج جو وارو وريو.“

”جي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تي،
سي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪڙمي.“

چار پيسا تيل کاتي، چار ڏوڪڙ تيل تي،
ٿي لڳي کوٽي کڻت ۾، ٿي بڻيو کوٽو کنڌو.“

هن طرح حاصل ڪيل، تعليم ڏيوالو ڏنو،
مُور موڙيءَ جو ته ڇڏ، پر وياج جو لاهي نه بار.“

” تنهنجي ڄمڻ تي، ٿو وڃي راڪاس گهر گهمي،
تنهنجو پلڻ، جيئڻ، نپڻ، جنجار استري.“

”کٽندڙ جو ٿئي، اڌ منهن ڪارو،
هارائيندڙ جو سارو ڪارو.“

7. ناصحانه شاعري: بيوس قدرت جي عام نظارن کي به اهڙي ته دلڪش منظر ۾ تبديل ٿو ڪري جو  دل ٿڌڙي هير بڻجي، اسر ويلي باغ ۾ ڇٻر تي پنڌ ڪندي نظر اچي ٿي. قدرتي جيت جڻين جي تمثيل کي جيئرو ڪرڻ ته ڪو بيوس کان سکي. تڏ ۽ ماکيءَ جي تمثيل مان ڏکين ڏينهن لاءِ جمع ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. سندس هڪ ٻيو نظم ” آڱريون ۽ منڊي“ پڻ وڏائي نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. دورانديشي ۽ نياز نوڙت تي لکيل بيوس جا مٿيان ٻئي نطم ناصحانه شاعري جو مثال آهن.

ادبي ملڪيت/سرمايو:

سندس هيٺيان ڪتاب ملن ٿا. ”شيرين شعر“، ”سامونڊي سپون“، ڦولداني“، ”شعر بيوس“، گرونانڪ جي جيون ڪوتا“ جن کي گڏي  سيد محمود شاهه بخاري پاران 1991ع ۾ سندس ڪليات ” ڪلياتِ بيوس“ جي نالي سان شايع ڪرايو ويو.

نثر جا موضوع:

بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس“، ”خوبصورت بلا“، ”پرت پوڄارڻ“، ”هرشچندر“ ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن، بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جو ترجمو آهن. بيوس جيڪي به ترجما ڪيا يا نثر لکيو، ان ۾ به سندس ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ انداز شاعراڻو هيو، ايتري حد تائين جو مڪالمن ۾ به تجنيس حرفي جو بار بار استعمال ڪري موضوع ۽ مڪالمي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.

موڪلاڻي:

جيون جي پوين سالن ۾ اڪيلائي پسند ٿي ويو، لارڪاڻي جي ”گيان باغ“ سندس آرام ۽ سڪون جو مسڪن رهيو، پويان ڏهه سال ٻارن لاءُ گيت لکيائين.  خلق خدا جو ڀلو سوچيندي آخر 23 سيپٽمبر 1947ع پرلوڪ پڌاريائين.

جديد سنڌي شاعري جي شروعات:

بيوس جا همعصر  يا اڳ وارا جيڪي به مشهور ۽ نالي چڙهيا شاعر هيا، تن ۾ سواءِ خليفي گل محمد جي، سڀني جي ترڪيبن، تمثيلن، تشبيهن، استعارن ۽ عڪسن ۾  ايراني شاعري جو رنگ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل هو. جن ۾ قاسم، فاضل ۽ حامد ته قابل ذڪر نالاآهن. فارسي شاعريءَ کي افضل سمجهڻ کان وٺي، ان جي اثر ۾ طرحي مشاعرا ڪرڻ ۽ پاڻ کي فارسيءَ جو ڏاهو پيش ڪرڻ واسطي فارسيءَ جا ڏکيا لفظ چونڊي چونڊي پنهنجي شعر ۾ شامل ڪرڻ کي باعثِ فخر سمجهيو ويندو هو.

حامد ۽ سانگي وغيرهه سسئي ۽ مارئي ءَ کي ڳائيندي ٿري ۽ لوڪ رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان ۾ ڌرتيءَ جو رنگ شامل ٿي نه سگهيو پر ايرانيت واري ڌاريائپ جي ڌپ پئي آئي. ايراني اصطلاح جهڙوڪ، گل و بلبل، ساقي پيماني، چمن گلستان، باغ و گلشن ۽ محبوب جي خدوخال ۾ مصروف هيا.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي شاعريءَ ۾  ايراني، عربي ۽ ترڪستاني شاعري مان نيون صنفون، خيال، فڪر ۽ خاص علم العروض داخل ٿيو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ کپي ها ته انهن شيرازي گلستانن ۽ عربي خيابانن ۾ سنڌي شاعر ايترو گم ٿي وياجو کانئن پنهنجي ڀلاري ڀونءِ جو جوڀن، ماروئڙن جا مال، غريبن جون جهوپڙيون جن مان جڏهن صبوح جو سج لڪي ليئا پائي، کوهه ۾ ٻڌل نار، وڻجارن جي ونين جو اڪيلاين سان ونواهه، انبن جي ٻور مٿان ويٺل چَتون، ڪينجهر کان ڪارونجهر جو حسن، ڀٽن تي ٽلندڙ مور پکي ۽ منڇر جي پيٽ ۾ اڏامندڙ پکين جا نظارا  سڀ وسري ويا.

ان دور جي بيٺل پاڻي ۾ بيوس مسلسل ڪنڪر اڇلي هڪ تحرڪ پيدا ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي شاعري ۾ تبديليءَ جو سبب بڻيو.  انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيميوئل ڪالرج جيئن بيوس به سنڌي ادب جي آبياري ڪئي ۽ ان ۾ تازگي آندي ۽  شعر ۾ قدرتي نظارن کان وٺي مٽيءَ جي خوشبو تائين پنهنجي ئي ڌرتيءَ جو رنگ رچايو. جنهن کي پوءِ شيخ اياز ۽ ان جي همعصرن عروج تي پهچايو. اسان ڪشنچند بيوس کي  جديدسنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ چئي سگهون ٿا.

 

جديد سنڌي شاعري ءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو ڪردار:

بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن کي پيرن هيٺان چيڀاٽي وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن تقليد پرستيءَ جي قطار مان ٻاهر نڪري غير مقلد ٿي ”انالحق“ جو علم بلند ڪيو. بيوس جي شروعاتي شعر تي فارسي جو اثر پڻ رهيو پر هن عظيم استاد پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪ رنگ کي پنهنجي موزون شعر ۾ عڪسي نئين روايت قائم ڪئي.

جاري روايتي راند جا وکر ٽوڙي فارسي ۽ عربيءَ جي مقلدن جي صف مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي سنهنجي جو اصول اپنايو. هن جي ئي نغمن کان جديد فطري ۽ قومي شاعري جو دور شروع ٿيو. ان وقت جي وڏن عالمن ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه دائود پوٽي ان کي شعر جي تاريخ جو انقلاب ڪوٺيو. بيوس نقل تان اصل ڏي لاڙو ڪيو. جديد خيالات ۽ ڪي قدر ترقي پسند لاڙا متعارف ڪرايا. بيوس پنهنجي شعر ۾ ادبي خوبين/فن/فڪر/صنعتن تي پڻ ڌيان ڌريو. 

 

 

هي سال به اجايو ويو

2012 2013

سال جا آخري ڏينهن آهن، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شهر جي هر گهٽيءَ ۾ هل هنگاما ڪري نئين سال جي آجيان ۽ گذري ويل سال کي الوداعي چمي ڏني ويندي

. پر ڇا مغربي دنيا وانگر اسان پاڻ کي اينالايس ڪري ڏسنداسين ته ڇا وڃايو ڇا ڪمايو، پر اسان نه ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ڪيوسين به ته  نتيجو  اهو نڪرندو ته هي سال به اجايو ويو.